حڪومت جو بجيٽ ۾ سخت معاشي پاليسيون جاري رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (اربع: 22 مئي 2024ع) وفاقي سرڪار ايندڙ مالي بجيٽ ۾ سخت معاشي پاليسيون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب، حڪومت ايندڙ مالي سان جي وفاقي بجيٽ عالمي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف ) جي مشاورت سان تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف کي لکت ۾ خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.

دستاويزن موجب، ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف جي مڪمل صلاح مشوري سان بجيٽ تيار ڪري رهي آهي، وفاقي حڪومت بجيٽ سرپلس بابت صوبن کان تصديق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي .

دستاويزن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وفاقي بجيٽ جي تياري تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف اختيارين وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن، آءِ ايم ايف بجيٽ ۾ پنهنجا شرط پيش ڪري رهيو آهي، حڪومت کي آءِ ايم ايف جي شرطن تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻو پوندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ايندڙ مالي بجيٽ ۾ سخت معاشي پاليسيون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ٻئي پاسي نئين مالي سال جي بجيٽ جي تيارين جي سلسلي ۾ ايف بي آر هيڊ ڪوارٽرز ۾ عام ماڻهن جي داخلا تي پابندي مڙهي وئي آهي، جڏهن ته سمورن ايف بي آر آفيسرن ۽ ملازمن کي سرڪاري سڃاڻپ ڪارڊ ساڻ رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

Read Previous

افغانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ ڏٺي پئي وڃي: آءِ ايس پي آر

Read Next

هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيل ايراني صدر جي جنازي نماز ادا، هزارين ماڻهن جي شرڪت

Most Popular