حڪومت، ايجنسي يا ڪنهن اداري جي بي ٽيم نٿا بڻجن چاهيون: چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور: (جمعو: 24 مئي 2024ع) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان چيو آهي ته ڪنهن به اداري ۽ حڪومت سان تڪرار نٿا چاهيون پر عدليه جو احترام نه ڪندڙ اسان مان به ڪائي اميد نه رکو.

پنجاب جڊيشل اڪيڊمي ۾ پري سروس ٽريننگ ڪور جي تقريب کي خطاب ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان چيو آهي ته انصاف ڪرڻ تمام وڏي ذميواري آهي، جج بنا ڊپ جي ڪم ڪندا رهن، جج کي قانون تي دسترس هئڻ گهرجي ۽ جج کي ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه اچڻ گهرجي، ججز جديد ٽيڪنالوجي مان لاڀ حاصل ڪن، جلد ۽ فوري انصاف جي فراهمي اسان جي پهرين ترجيح آهي، پنجاب ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي ٻڌڻي جي شروعات ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ 14 لک ڪيس آهن، صوبي ۾ ججن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ڪيسن ۾ دير جو هڪ وڏو ڪارڻ هڙتالون آهن، ادارن جي پاڻ ۾ ويڙهه سان ادارا ڪمزور ٿيندا آهن، انهن کان هوشيار رهو جيڪي ادارن کي وڙهائڻ چاهين ٿا.

هن چيو ته مون سميت هر جج دل جي دل ۾ وڪيل لاءِ وڏو احترام آهي، ڪنهن بار، ڪنهن اداري ۽ حڪومت سان تڪرار نٿا چاهيون، پر تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي، اسان ڪنهن حڪومت، ايجنسي يا اداري جي بي ٽيم نٿا بڻجن چاهيون، سسٽم ۾ بهتري لاءِ ججن، وڪيلن ۽ لاڳاپيل ايجنسين سميت سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو،

هن وڌيڪ چيو ته الله تعاليٰ کي جواب ڏيڻو آهي، جڏهن الله جي بارگاهه ۾ اسان جو حساب ڪتاب ٿيندو ته ڪير گڏ نه بيهندو، احترام تيستائين آهي، جيستائين عدالتن جو احترام ڪيو ويندو، جيڪڏهن عدالتن جو احترام ناهي ته اسان مان به احترام جي اميد نه رکو.

Read Previous

شگر مل مالڪن جي کنڊ امپورٽ نه ڪرڻ تي ملون بند ڪرڻ جي ڌمڪي، حڪومت فيصلو ڪرڻ ۾ ناڪام

Read Next

محسن نقوي سليڪشن عمل تي ناراض، ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان نه ڪرڻ جو حڪم

Most Popular