محسن نقوي سليڪشن عمل تي ناراض، ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان نه ڪرڻ جو حڪم

لاهور: (جمعو: 24 مئي 2024ع) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان روڪي ڇڏيو.

ايندڙ مهيني آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اڄ قومي ٽيم جو اعلان ٿيڻو هو. جڏهن ته هاڻ اطلاع آهن ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي قومي ٽيم جو اعلان روڪي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب، محسن نقوي قومي ٽيم جي سليڪشن جي عمل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي رانديگرن جي نالن تي ڪو اعتراض ناهي پر باظابطا گڏجاڻيون نه ٿيڻ تي هن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان معاملي تي محسن نقوي خط ذريعي سليڪشن ڪميٽي کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيم جي چونڊ لاءِ ڪنهن به اجلاس جي ڪارروائي جا منٽس محسن نقوي تائين نه پهچايا ويا جنن هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان معاملي جو نوٽيس ورتو آهي.

ذريعن موجب، جيستائين سليڪشن واري عمل جا سمورا مرحلا مڪمل نه ڪيا ويندا تيستائين ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان نه ڪيو ويندو.

Read Previous

حڪومت، ايجنسي يا ڪنهن اداري جي بي ٽيم نٿا بڻجن چاهيون: چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ

Read Next

اوگرا ايل اين جي مهانگي ڪري ڇڏي

Most Popular