اوگرا ايل اين جي مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (جمعو: 24 مئي 2024ع) آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي ( اوگرا ) ايل اين جي مهانگي ڪري ڇڏي.

اوگرا طرفان مئي لاءِ ايل اين جي جي اگهن ۾ 6 ڏهائي 49 سيڪڙو تائين واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي 0.80 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مهانگي ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سوئي ناردرن لاءِ ايل اين جي جي نئين قيمت 13.74 ڊالرز في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.

ان کانسواءِ سوئي سدرن سسٽم تي ايل اين جي 0.86 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مهانگي ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ ايل اين جي جي نئين قيمت 14.05 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ٿي وئي آهي.

Read Previous

محسن نقوي سليڪشن عمل تي ناراض، ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان نه ڪرڻ جو حڪم

Read Next

ملڪ جي ٻين شهرن جيان پشاور ۾ به بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، جتي بجلي جي لوڊشيڊنگ کان تنگ شهرين گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي پاڻ بجلي بحال ڪئي

Most Popular