ملڪ جي ٻين شهرن جيان پشاور ۾ به بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، جتي بجلي جي لوڊشيڊنگ کان تنگ شهرين گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي پاڻ بجلي بحال ڪئي

پشاور جي شهرين هزار خواني گرڊ اسٽيشن ٻاهران صوبائي اڳواڻ فضل الاهي جي اڳواڻي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪيو، جنهن دوران مڇريل ماڻهو گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي ويا، جن پاڻ بجلي بحال ڪئي

صوبائي اسيمبلي جي ميمبر فضل الاهي چيو ته سمورا فيڊرز هلايا ويندا ۽ بجلي بحال ڪئي ويندي، جيڪڏهن بجلي بند ٿي ته پوءِ سڀني جي بجلي ڪاٽي ويندي

Read Previous

اوگرا ايل اين جي مهانگي ڪري ڇڏي

Read Next

ڪراچي جي علائقي سولجر بازار ۾ گهر اندر سلينڊر جو ڌماڪو

Most Popular