ڪراچي: (اربع: 29 مئي2024ع) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج غربي پير آباد ڦر جي ڪيس ۾ جوابدارن ايس ايس پي عمران قريشي، ڊي ايس پي طارق بجاري سميت ٻين جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج غربي جي عدالت پير آباد ۾ ڦر جي ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت جوابدارن جي بريت جي درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت ايس ايس پي عمران قريشي ۽ ڊي ايس پي طارق عمير بجاري سميت ٻين جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران ڪيس جي مدعي جوابدارن جي سڃاڻپ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ بيان ڏنو ته جيڪو واقعو ٿيو انهي ۾ اهي ماڻهو شامل نه هئا، ڪيس جي مدعي جي بريت جي درخواست تي نوآبجيڪشن سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو ويو.
وڪيل صفائي عامر منسوب قريشي موقف ڏنو ته ڪيس جو مدعي ۽ ٻيا لکت ۾ ڪيس نه هلائڻ جو چئي چڪا آهن. استغاثه ڪنهن جوابدار جي خلاف ثبوت به پيش نه ڪري سگهيا پوليس موجب جوابدارن جي خلاف پير آباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو جوابدارن تي شهري شاڪرالله جي گهر مان ڏيڍ ڪروڙ روپيه ڦر ڪرڻ جو الزام هو.