سنڌ جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد جي شير افضل مروت سان دبئي ۾ ملاقات

دبئي: (اربع: 29 مئي2024ع) سنڌ جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد چيو آهي ته ڳالهين سان ئي ملڪ جي  موجوده سياسي صورتحال تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.

پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي سينئر نائب صدر شير افضل مروت سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد سان دبئي ۾ ملاقات ڪئي جيڪا 3 ڪلاڪ تائين جاري رهي.

ٻنهي شخصيتن وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته ان دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سياسي رابطا جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.

ان موقعي تي ڊاڪٽر عشرت العباد چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير وفاق ۽ ايس آءِ ايف سي سان تعاون سٺو سنئوڻ آهي. انتظامي ۽ گورننس جي معاملن کي سياسي اختلافن کان ڌار رکڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته ڳالهين سان ئي ملڪ جي  موجوده سياسي صورتحال تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. مفاهمت جي سياست سان ئي ملڪ کي  پيش ايندڙ بحرانن مان ڪڍي سگهجي ٿو.

Read Previous

نوازشريف ۽(ن) ليگ جي سياست سان اتفاق نٿو ڪريان: شاهد خاقان عباسي

Read Next

ڪراچي ۾ ڦر جي ڪيس مان ايس ايس پي عمران قريشي، ڊي ايس پي طارق بجاري بري

Most Popular