پاڪستان ۾ 84 ادارن جي نجڪاري غور هيٺ آهي: اسحاق ڊار

شيزن: (اربع: 05 جون 2024ع)نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۾ 84 ادارن جي نجڪاري غور هيٺ آهي.

چين جي شهر شيزن ۾ پاڪ چائنا بزنس فورم کي خطاب ۾ اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي زراعت، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ تمام گهڻا وسيلا آهن. ايس آءِ ايف سي سرمائيڪارن جي حوصله افزائي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ 84 ادارن جي نجڪاري غور هيٺ آهي. پاڪستان کي پنهنجو وڃايل معاشي مقام حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي. 2017 ۾ پاڪستان دنيا جي 24هين معيشت هو، بدقسمتي سان گذريل سالن ۾ معاشي تباهي ٿي.

ٻئي طرف ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب تقريب کي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جا سمورا معاشي اشارا مثبت سمت طرف گامزن آهن ۽ پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح ۾ واضح ڪمي آئي آهي.

ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت جو ڌيان اقتصادي اصلاحات تي آهي. پاڪستان ۾ پرڏيهي سرمائيڪاري ۾ اضافو، سرمائيڪارن جو پاڪستان تي ڀروسو آهي جڏهن ته وياج جي شرح جي معاملي تي اسان کي هلندڙ سال ڏسڻو پوندو.

Read Previous

سنڌ حڪومت وڏي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

Read Next

وفاقي بجيٽ: پگهارن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ جي شروعاتي تجويز سامهون اچي وئي

Most Popular