شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي : پوليس جوابدار اصغر لنڊ کي گرفتار ڪري ورتو

شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، گهوٽڪي پوليس قتل ۾ ملوث هڪ جوابدار اصغر لنڊ کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چيو آهي ته جوابدار اصغر وٽان واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ 3 جوابدار ملوث آهن، جوابدار برڪت لُنڊ ۽ سهولتڪار عبدالله لنڊ روپوش آهن، سندن گرفتاري جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جديد ٽيڪنالوجي جي بُنياد تي جاچ دوران نشاندهي ٿيڻ تي اصغر لنڊ کي گرفتار ڪيو، قتل جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ميرپور ماٿيلو ۾ صحافي نصر الله گڏاڻي کي 21 مئي تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو

Read Previous

ناليوارو سماجي اڳواڻ صارم برني ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار

Read Next

ڳالهيون طاقتورن سان ڪندس، جنرل يحيٰ جو ورجاءُ ٿئي پيو، تباهي ڏسي پ پ حڪومت ۾ نٿي اچي: عمران خان

Most Popular