ڳالهيون طاقتورن سان ڪندس، جنرل يحيٰ جو ورجاءُ ٿئي پيو، تباهي ڏسي پ پ حڪومت ۾ نٿي اچي: عمران خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڊيالا جيل ۾ عمران خان ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو آهي ته حمود الرحمان ڪميشن جا ٻه مقصد هئا، ڪميشن جوڙڻ جو مقصد اهو هو ته اهڙي غلطي ٻيهر نه ٿئي، ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ جنرل يحيٰ کي پنهنجي اقتدار لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو، ساڳي ڳالهه ملڪ ۾ ٻيهر ورجائي پئي وڃي جنهن سان معيشت تباهه ٿي ويندي، اڳ ملڪ ٽٽندو هو، هاڻي معيشت تباهه ٿي رهي آهي، اسان جي دور ۾ نيب 480 ارب رپيا وصول ڪيا، هاڻي 1100 ارب وڌيڪ گڏ ٿيڻا هئا پر نيب ترميم ڪئي وئي. نيب ترميم جي ڪري گذريل سال 3 لک ۽ هن سال ڏيڍ ڪروڙ گڏ ٿيو آهي. نيب ترميم سان ملڪ کي 1100 ارب رپين جو نقصان ٿيو،گوڏن ڀر ويٺل ملڪ اهڙو نقصان برداشت نٿو ڪري سگهي. عمران خان چيو ته سوشل ميڊيا وارا اسان جا هيرو آهن، ايف آءِ اي منهنجي خلاف ڪوڙو ڪيس ٺاهڻ تي مون کان معافي گهري، ملڪ ۾ سياسي انتقام جاري آهي. ايف آءِ اي کي صرف وڪيلن جي موجودگيءَ ۾ جواب ڏيڻ جو چيو، هي سڀ محسن نقوي ڪرائي رهيو آهي. صحافي سوال ڪيو ته هاڻي سپريم ڪورٽ به سياسي پارٽين کي ڳالهائڻ جو چيو آهي. جواب ۾ عمران خان چيو ته مشرف دور ۾ به مون شوڪت عزيز سان ڳالهيون نه ڪيون، پرويز مشرف جي نمائندي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسان انهن سان ڳالهائينداسين جيڪي طاقت وارا آهن، هنن وٽ ڪا طاقت ناهي، 14 مئي 2023 تي پنجاب جي چونڊن بابت اجلاس دوران ن ليگ ميمبرن چيو ته آرمي چيف اليڪشن نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي، جسٽس بنديال جي چوڻ تي اسان سياسي پارٽين سان چونڊن بابت ڳالهيون ڪيون، قانون موجب چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻيون هيون پر جج سندس دٻاءُ هيٺ اچي ويو هو. صحافي سوال ڪيو ته نواز شريف شيخ مجيب ۽ حمود الرحمان ڪميشن جو حوالو ڏيندو هو ته چوندو هو ته نواز شريف ٻيو مجيب الرحمان بڻجي رهيو آهي.ان جي جواب ۾ عمران خان چيو ته ان وقت مون حمود الرحمان ڪميشن نه پڙهي هئي، هاڻي اها رپورٽ مڪمل پڙهي چڪو آهيان. صحافي سوال ڪيو ته اوهان جي ايڪس هينڊل تان  هڪ وڊيو رياست جي خلاف پوسٽ ڪئي وئي ڇا توهان اهو ڪندا جيئن توهان چاهيو؟. عمران خان جواب ڏنو ته جيل ۾ ويهي وڊيو ڪيئن پوسٽ ڪري سگهان ٿو، مان اِن ٽوئيٽ کي مڃان ٿو پر جيڪا وڊيو اٽيج ڪئي وئي آهي اها مون ناهي ڏٺي، تنهن ڪري مان ان تي تبصرو نه ڪندس. صحافي سوال ڪيو ته توهان جو ايڪس اڪائونٽ ڪير هلائي ٿو ۽ ڪنهن کي اوهان اجازت ڏني آهي. عمران خان چيو ته مان ٽوئيٽ جو صرف وڪيلن کي ٻڌائيندو آهيان صحافي سوال ڪيو ته جيل ۾ اوهان کي ڪهڙيون سهولتون آهن، رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. عمران خان چيو ته مون کي ڪا به شڪايت ناهي، مون کي موت جي خاني ۾ رکيو ويو آهي، مون وٽ ورزش واري مشين کانسواءِ ڪا به سهولت ناهي، روم ڪولر سڀني بيرڪن ۾ آهن پر منهنجي سيل ۾ واش روم ناهي، مان غسل ڪرڻ لاءِ ٻئي ڪمري ۾ وڃان ٿو، نواز شريف ۽ زرداري کي قيد دوران سموريون سهولتون ڏنيون ويون هيون، کاڌو به ٻاهران ايندو هو، پنهنجي مرضي سان ملاقاتون ڪندا هئا، مون کي وڪيلن سان اڌ ڪلاڪ ۽ ڪٽنب سان 20 منٽ ملاقات ڪرڻ جي اجازت آهي. صحافي سوال ڪيو ته جڏهن اوهان اقتدار ۾ هئا ته چوندا هئا ته جيڪڏهن سمورن قيدين کي اهي سهولتون مليون ته ٻاهر جا ماڻهو جيل ۾ رهڻ پسند ڪندا. عمران خان چيو ته مون کي شڪايت ناهي، مون هن وقت تائين ڪا به رعايت ۽ سهولت ناهي گهري، قيدي مون کي ماني پچائي ڏيندو آهي. باني پي ٽي آءِ چيو ته هن ملڪ ۾ استحڪام ناهي، سيڙپڪاري ناهي، قرض وڌي ويندا. موجوده بجيٽ ۾ مهانگائي جي شرح وڌڻ سان ملڪ جا قرض وڌي ويندا، اهو سڀ ڪجهه ڏسندي پيپلز پارٽي حڪومت ۾ شامل نه ٿي رهي آهي

Read Previous

شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي : پوليس جوابدار اصغر لنڊ کي گرفتار ڪري ورتو

Read Next

پيپلزپارٽي پنجاب اسيمبلي مان منظور ڪرايل بدناموسي واري قانون جي حمايت نه ڪئي هئي: شازيه مري

Most Popular