ملير ويجهو هٿياربندن نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

ملير (رپورٽر)ملير ويجهو هٿياربندن  16 ورهين جو نوجوان قتل ڪري ڇڏيو. سکڻ ٿاڻي جي حد صديق خاصخيلي ڳوٺ مڪي مسجد ويجهو ھٿياربندن 16 ورهين جي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ، مقتول نوجوان جي سڃاڻپ بسم الله پٽ طالب حسين طور ٿي،جڏھن ت هٿياربند فرار ٿي ويا واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي ضروري ڪارروائي بعد لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان کي هڪ گولي سيني ۾ لڳل آھي ابتدائي طور تي واقعو ڦر مزاحمت جو نتيجو لڳي رهيو آهي پوليس موجب مقتول سان گڏ ويٺلن مان ڪنهن کان به ڦر نه ڪئي وئي جڏهن ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون.

Read Previous

هالا ڀرسان ٻارن جي ڳالهه تان جھيڙو، فائرنگ ۾ 9 ڄڻا زخمي

Read Next

الوداع شھدادپور: ڪلارڪ وياجين کان تنگ اچي شهر ڇڏي ويو

Most Popular