الوداع شھدادپور: ڪلارڪ وياجين کان تنگ اچي شهر ڇڏي ويو

شھدادپور (رپورٽر) شھدادپور ۾ مختيارڪار آفيس جو ڪلارڪ وياجين جي آزار کان ٽن ڏينهن کان پراسرار نموني گم، معصوم پٽ پاران گهر واپس اچڻ جون منٿون، وڊيو وائرل

 روينيو آفيس ۾ ڪلارڪ طور ڊيوٽي ڪندڙ سڪندر ابڙو مبينا وياجين کان تنگ اچي ٽن ڏينهن کان گم آهي، روينيو ملازم ڇنڇر ڏينهن سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي الوداع شهدادپور جو اسٽيس رکڻ  بعد پنهنجو موبائل فون گهر ڇڏي گم ٿي ويو، وارثن موجب ڪافي ڳولا ڪرڻ باوجود سندس ڪٿي به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو

روينيو ملازم جي معصوم پٽ شايان جي والد جي گهر واپسي لاءِ منٿون ڪرڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جنهن معصوم نينگر ٻانهون ٻڌي والد کي منٿ ڪري رهيو آهي ته گهر وارا سڀ پريشان آهن جلدي گهر واپس موٽي اچ

وارثن موجب سڪندر ابڙو وياج تي پئسا کڻڻ بعد پئسن جي واپسي لاءِ لاڳتيو پريشان هو، خدشو آهي ته وياجين جي آزار ۽ خوف سبب گهر ڇڏي ويو آهي. وارثن مطالبو ڪيو ته ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي

Read Previous

ملير ويجهو هٿياربندن نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

Read Next

پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کان کٽيل ميچ هارائي ويو

Most Popular