سنڌ جي بجيٽ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ۽ بهتر آهي، هاڻوڪي بجيٽ گذريل بجيٽ کان 34 سيڪڙو وڌيڪ آهي: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ترقياتي رٿائون مڪمل نه ٿيڻ جو ذميوار نگران حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي

ڪراچي ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته نگران حڪومت جي دور ۾ ترقياتي اسڪيمن جي بندش سبب سستي ٿي. بجيٽ ۾ ڪا به نئين اسڪيم شامل نه ڪئي وئي آهي، پراڻين اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو ويندو، جڏهن ته سنڌ جي ترقياتي بجيٽ باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، هن مدي جي بجيٽ گذريل بجيٽ جي ڀيٽ ۾ 34 سيڪڙو وڌيڪ آهي، بجيٽ جا هدف حاصل ڪري ايندڙ سال وڌيڪ ترقي جي طرف وڌنداسين

هن چيو ته موجوده روينيو جو 70 سيڪڙو پگهارن تي خرچ ٿئي ٿو، گريڊ هڪ کان ڇهين تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي. سنڌ ۾ هڪ گريڊ جي سرڪاري ملازمن جي پگهار به 37 هزار هوندي، بجيٽ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ قدم کنيا ويا آهن ۽ پيپلز هائوسنگ اسڪيم لاءِ 25 ارب رپيا رکيا پيا وڃن. هاري ڪارڊ لاءِ به 8 ارب رپيا رکيا پيا وڃن. وفاقي حڪومت ڪي 4 لاءِ 25 ارب رپيا رکيا آهن، جڏهن ته ڪي 4 سان ڳنڍيل پائيپ لائين سسٽم جي تعمير لاءِ 170 ارب رپيا صوبي طرفان رکيا پيا وڃن.ڪي فور پروجيڪٽ جا 3 حصا آهن، جن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ان جو ثمر عوام تائين پهچندو

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هن مالي سال ترقي جي شرح جو هدف پورو نه ٿي سگهيو، ايندڙ سال 3.5 سيڪڙو واڌ جي شرح جو هدف به مشڪل نظر اچي ٿو پر ان کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين جڏهن ته ايندڙ سال سنڌ روينيو بورڊ جو هدف 350 ارب رپيا هوندو

پريس ڪانفرنس دوران صحافي سوال ڪيو ته ڪرپشن ۽ ڪميشن کانسواءِ سنڌ ۾ ڪو به ڪم نه ٿيندو، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ جو عوام اوهان سان متفق ناهي، ماڻهن اسان کي چونڊيو، مسئلا هر هنڌ آهن پر اسان. ان کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن

Read Previous

دشمن فلسطين ۾ رتوڇاڻ چاهي ٿو، فسادن کان پري رهو، ظلم ڪندڙ پڪڙ ۾ ايندو: حج جو خطبو

Read Next

”ايندڙ ٻڌڻي تي ڪا ڌر نه آئي ته رڪارڊ ڏسي فيصلو ڪري ڇڏيندس“ جج افضل مجوڪا جا عدت ڪيس ۾ رمارڪس

Most Popular