”ايندڙ ٻڌڻي تي ڪا ڌر نه آئي ته رڪارڊ ڏسي فيصلو ڪري ڇڏيندس“ جج افضل مجوڪا جا عدت ڪيس ۾ رمارڪس

اسلام آباد: (جمعو: 21 جون 2024ع) عدت ڪيس ۾ اسلام آباد جي مقامي عدالت جي جج افضل مجوڪا رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته 27 جون کان پهرين سزا معطلي جي درخواست تي فيصلو ڪرڻو آهي، جيڪڏهن ڪائي ڌر نه به آئي تڏهن به رڪارڊ ڏسي فيصلو ڪري ڇڏيندس.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ عدت ۾ نڪاح واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا خلاف اپيلن تي جج افضل مجوڪا جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي.

پي ٽي آءِ باني جو وڪيل سلمان اڪرم راجا ۽ بشريٰ بي بي جو وڪيل عثمان گِل عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته خاور مانيڪا طرفان ايڊووڪيٽ زاهد آصف عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي خاور مانيڪا جي وڪيل ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي جج افضل مجوڪا خاور مانيڪا جي وڪيل سان مڪالمو ڪندي چيو ته هن ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي نٿي ٿي سگهي.

جج رمارڪس ڏيندي چيو ته 25 جون تي مُک اپيلن تي ٻڌڻي آهي، تيستائين لازمي دليل فائنل ڪرڻا آهن، اوهان خاور مانيڪا سان رابطو ڪريو ۽ پاور آف اٽارني واٽس ايپ تي گهرائي وٺو.

جج افضل مجوڪا پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيلن سان مڪالمو ڪندي چيو ته سندس ٻن سوالن جا جواب ڏيو، مون کي سزا معطلي تي مطمئن ڪريو.

وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته هو اڄ اپيلن تي دليل ڏيندو جڏهن ته عثمان گِل چيو ته عدالت جي مڪمل مدد لاءِ تيار آهي، مون کي اڊيالا جيل وڃڻو آهي، سومر تي دليل ڏيندس، اڄ سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندو، جنهن تي جج چيو ته سومر تي ٻڌڻي ممڪن ناهي، ايندڙ ٻڌڻي اڱاري تي ٿيندي.

ٻڌڻي دوران سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هو ته اعليٰ عداليا جو جيڪو فيصلو بعد ۾ آهي ان تي به عدلات عمل ڪري، 1985 جي آئيني ترميم کانپوءِ صورتحال تبديل ٿي وئي آهي.

جج افضل مجوڪا سوال ڪيو ته خاور مانيڪا کي ڪڏهن خبر پئي ته بشريٰ بي بي ۽ عمران خان جو نڪاح ٿيو؟ جنهن تي سندس وڪيل زاهد آصف چيو ته هو خاور مانيڪا کان پڇي عدالت کي آگاهه ڪندو.

سلمان اڪرم راجا چيو ته پي ٽي آءِ باني تي ڪو الزام به نه آهي، جنهن تي جج رمارڪس ڏنا ته اِهو ته مڃيو فراڊ عمران خان ٿيو، جج افضل مجوڪا جي جملي تي عدالت ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.

جج چيو ته 27 کان اڳ اپيل تي فيصلو ڪرڻو آهي، جيڪڏهن ڪائي به ڌر حاضر نه ٿي ته ان باوجود فيصلو ٻڌائي ڇڏيندس.

عدالت ڪيس ۾ داخل سزا معطلي جي درخواست تي ٻڌڻي 25 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

سنڌ جي بجيٽ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ۽ بهتر آهي، هاڻوڪي بجيٽ گذريل بجيٽ کان 34 سيڪڙو وڌيڪ آهي: وڏو وزير

Read Next

گهريلو صارفين تي ماهوار 200 کان هڪ هزار رپيا فڪسڊ چارجز لاڳو

Most Popular