گهريلو صارفين تي ماهوار 200 کان هڪ هزار رپيا فڪسڊ چارجز لاڳو

اسلام آباد: (جمعو: 21 جون 2024ع) بجلي صارفين تي ماهوار 200 کان هڪ هزار رپيا فڪس چارجز لاڳو ڪيو ويو آهي جڏهن ته تجارتي صارفين تي مقرر چارجز 3 سئو سيڪڙو ۽ صنعتي استعمال تي 335 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

نيپرا بجلي جا نوان ٽيرف متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن، جيڪي پهرين جولاءِ کان لاڳو هوندا، 5 رهائشي صارفين جي بجلي جي بلن ۾ ماهوار يونٽس جي کپت جي حساب سان 200 کان هڪ هزار رپيا ماهوار چارجز مقرر ڪيا ويا آهن ۽ اهڙي ريت ڪمرشل لاءِ 300 سيڪڙو صنعتي صارفين لاءِ 355 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي.

ان سان ڊسڪوز کي مقرر چارجز ذريعي پنهنجي آمدني واڌائڻ ۾ مدد ملندي، ماهوار 301-400 يونٽ استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين پهرين جولاءِ 2024 کان 2 سئو رپيا ماهوار جي مقرر چارجز ادا ڪندا ۽ 401_500 يونٽ استعمال ڪندڙ 400 ادا ڪندا، جڏهن ته 501_600 تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي 600 رپيا ادا ڪرڻا پوندا.

رهائشي صارفين جيڪي 601_700 يونٽ استعمال ڪن ٿا اُهي ماهوار 800 رپيا ادا ڪندا ۽ 700 يونٽ کان وڌيڪ استعمال ڪرڻ وارا ماهوار هڪ هزار رپيا مقرر چارجز ادا ڪندا.

ٽي او يو ( ٽائيم آف يوز ) ميٽر استعمال ڪندڙ رهائشي صارفين به ماهوار هڪ هزار رپيا مقرر چارجز ڪندا.

5 ڪلو واٽ کان گهٽ لوڊ وارن ڪمرشل صارفين به ماهوار هڪ هزار رپيا مقرر چارجز ادا ڪندا جڏهن ته 5 ڪلو واٽ يا ان کان وڌيڪ لوڊ وارا بجليءِ جا ڪمرشل صارفين هاڻ موجودا 500 کان 2 هزار رپيا ادا ڪندا جنهن ۾ 300 سيڪڙو واڌ ظاهر ڪئي وئي آهي.

ٽي او يو ميٽرنگ تحت 25 ڪلو واٽ تائين استعمال ڪندڙ صنعتي صارفين جيڪي بي ون ڪيٽيگري ۾ اچن ٿا اهي هڪ هزار رپيا ادا ڪندا جڏهن ته بي ٽو ڪيٽيگري وارن صارفين 500 ڪلو واٽ تائين فڪسڊ چارجز ۾ 300 سيڪڙو اضافو ڏسندا ڇو جو اُهي هاڻي 5 رپيا ماهوار مقرر چارجز بدران 2 هزار رپيا ادا ڪندا.

5 هزار ڪلو واٽ استعمال ڪندڙ بي ٿري ڪيٽيگري جي صنعتي صارفين 460 رپيا ماهوار کان 335 سيڪڙو واڌ سان ٻه هزار رپيا مقرر چارجز ادا ڪندا.

Read Previous

”ايندڙ ٻڌڻي تي ڪا ڌر نه آئي ته رڪارڊ ڏسي فيصلو ڪري ڇڏيندس“ جج افضل مجوڪا جا عدت ڪيس ۾ رمارڪس

Read Next

بوٽ چٽڻ ۾ پي ٽي آءِ وارن جو ڪو ثاني ڪونهي: خواجه آصف

Most Popular