ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

ڏکڻ آفريڪي ٽيم پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي، ڏکڻ آفريڪا ميزبان ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي پهريون  ڀيرو سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

 ويسٽ انڊيز ٽورنامينٽ مان آئوٽ ٿي وئي، ميزبان ويسٽ  انڊيز پهرين بيٽنگ ڪندي 8 وڪيٽس جي نقصان تي 135 رنس ٺاهيون

ڏکڻ آفريڪي بالر تبريز شمسي 3 وڪيٽس، مارڪرم، رباڊا ۽ مهاراج هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، برسات بعد ڏکڻ آفريڪا کي 17 اوورز ۾ 123رنس جو هدف ڏنو ويو

 ڏکڻ آفريڪا 7 وڪيٽس جي نقصان تي هدف پورو ڪيو، گذريل ڏينهن انگلينڊ امريڪا کي  شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو

Read Previous

اليڪشن ڪميشن جو اسلام آباد جي ٽربيونل جي تبديلي وارو آرڊر معطل

Read Next

پير شاهدن کي بيان تبديل ڪرڻ لاءِ حراسان پيا ڪن: فاطمه جو والد

Most Popular