اليڪشن ڪميشن جو اسلام آباد جي ٽربيونل جي تبديلي وارو آرڊر معطل

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو اسلام آباد جي ٽربيونل جي تبديلي وارو آرڊر معطل ڪري ڇڏيو

چيف جسٽس عامر فاروق اليڪشن ٽربيونل جي تبديلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي هلائي، نوازليگ جو اميدوار انجم عقيل، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ڌرين جا وڪيل پيش ٿيا

 عدالت انجم عقيل کان سوال ڪيو ته توهان جيڪو حلفيه بيان اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايو آهي ان ۾ جيڪو لکيل آهي ڇا اهو سچ آهي؟ انجم عقيل عدالت جي پڇڻ تي درخواست ۾ استعمال ڪيل لفظن جي وضاحت نه ڪري سگهيو

 چيف جسٽس چيو ته توهان کي سمجهائڻو آهي ته نيپوٽزم ڇا هوندو آهي، مون کي ان جو مطلب سمجهايو؟ ان تي انجم عقيل چيو ته هي ليگل لفظ آهن مان عدالت کان غير مشروط معافي ٿو وٺان

 چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته نيپوٽزم ليگل لفظ بلڪل به نه آهي، ڇا توهان پڙهڻ کانسواءِ حلفيه بيان تي صحيح ڪئي؟ انجم  عقيل جواب ۾ چيو ته جي بلڪل مون پڙهڻ کانسواءِ حلفيه بيان تي صحيح ڪئي

 چيف جسٽس چيو ته توهان درخواست ڏني آهي ته جج صاحب جانبدار هو، ٻڌايو ته هو ڪيئن جانبدار هو؟ انجم عقيل جواب ۾ چيو ته مون سفارش ناهي ڪئي پر مان معذرت ڪيان ٿو، مون ڪيس ٽرانسفر ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي هئي

 عدالت چيو ته توهان ڄاڻي واڻي اها ٻولي استعمال ڪئي آهي، انجم عقيل چيو ته مان پنهنجن لفظن تي معذرت ٿو ڪيان

 چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان هن آرڊيننس جو ڪيئن دفاع ڪندئو؟ ڪهڙو آسمان ڪرڻ وارو هو جو رات پيٽ ۾ وقتي صدر کان آرڊيننس جاري ڪرايو؟ توهان ماڻهن آرڊيننس فيڪٽري لڳائي رکي آهي، هڪڙي واهه فيڪٽري آهي ۽ ٻي آرڊيننس فيڪٽري آهي

عدالت انجم عقيل کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 9 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Read Previous

نواز رائيونڊ، عمران بني گالا، زرداري، بلاول هائوس ۽ جنرل 50 ڪروڙ 50 لک رپيا عطيو ڪيو: مصطفيٰ ڪمال قرض معاف ڪرائڻ جو طريقو ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

Most Popular