عدالتي حڪم باوجود پوليس ڏاچيءَ جي ڄنگهه وڍڻ واري معاملي جو بااثر وڏيري خلاف ڪيس داخل نه ڪيو

سانگهڙ عدالت جي حڪم باوجود پوليس ڏاچيءَ جي ڄنگهه وڍڻ واري معاملي ۾ بااثر وڏيري خلاف ڪيس داخل نه ڪيو

 منگلي پوليس وڏيري غلام رسول شر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بدران الٽو زخمي ڏاچيءَ جي مالڪن کي ڌمڪائڻ لڳي

 ڏاچيءَ جي مالڪ سومر بهڻ جي ڀائيٽي صدورو بهڻ چيو آهي ته منگلي پوليس ۽ بااثر وڏيري غلام رسول شر مان حياتيءَ کي خطرو آهي، واقعي جو جاچ آفيسر اي ايس آءِ شمس شر اگرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي

جاچ آفيسر شمس شر چوي ٿو ته وڏيري غلام رسول شر خلاف عدالت ڇو ويا؟ وڏيري خلاف بيان بازي بند ڪيو نه ته ڪوڙن ڪيسن ۾ توهان کي ڦاسائينداسين

هن چيو ته منگلي پوليس اڳ به اسان کي وڏيري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ نه ڏنو ۽ پنهنجي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو، سانگهڙ جي عدالت 2 ڏينهن اڳ وڏيري غلام رسول شر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

Read Previous

پي ٽي آءِ باني وزيراعظم طوراليڪشن ڪميشن تي اثر انداز ٿي رهيو هو: چيف جسٽس

Read Next

لاڙڪاڻو پوليس پاران ڪچي ۾ آپريشن دوران 2 مغوي ڀائرن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

Most Popular