پي ٽي آءِ باني وزيراعظم طوراليڪشن ڪميشن تي اثر انداز ٿي رهيو هو: چيف جسٽس

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سياسي جماعت طور وجود رکي ٿي ته ٻي جماعت ۾ شموليت ڇو اختيار ڪئي؟ پي ٽي آءِ پاڻ پنهنجو قتل ڪيو آهي، مخصوص سيٽن بابت آئين بلڪل واضح آهي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فل ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته آئين کان هٽي ڪري ڪو به جج فيصلو ڏئي نه ٿو سگهي، هن ملڪ جا بخيا ان ڪري اڊيڙيا ويا جو آئين تي عمل نه ٿو ٿئي

هن چيو ته مون آئين تحت حلف کنيو آهي، پارليامينٽ ۾ وڃي آئين ۾ ترميم ڪرايو، باني پي ٽي آءِ وزيراعظم هو هن انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرايون

 سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل چيو ته جسٽس منصور علي شاهه صاحب چيو هو ته 80 سيڪڙو ماڻهو آزاد اميدوار ٿي وڃن ٿا ته ڇا 10 سيڪڙو وارين سياسي جماعتن کي سموريون مخصوص سيٽون ڏئي ڇڏينداسين؟

چيف جسٽس چيو ته جي بلڪل آئين اهو ئي چوي ٿو، ڪنهن جي مرضيءَ تي عمل ٿي نه ٿو سگهي، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جن اليڪشن وڙهڻ جي زحمت ئي نه ڪئي انهن کي مخصوص سيٽون ڇو ڏنيون وڃن؟

 جسٽس اطهر من الله چيو ته اليڪشن تي سوال اٿاريا ويا، جيڪو ڪجهه 2018 ۾ ٿيو اهو هاڻي به ٿيو، جن پريس ڪانفرنسز نه ڪيون انهن کي کنڀيو ويو، ڇا سپريم ڪورٽ ان تي اکيون ٻوٽي ڇڏي؟ ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ جي ڳالهه ڪئي وئي

 جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جن کي ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي اهي اسان جي آڏو آيا ئي نه، چيف جسٽس چيو ته جڏهن ضرورت پوي ٿي تڏهن اسان وٽ اچن ٿا، اليڪشن روڪرائڻ جي ڪوشش پي ٽي آءِ ڪئي، ڇا اسان پي ٽي آءِ کي چيو ته انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرايو؟

چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران پي ٽي آءِ کي منٿون ڪيون ويون، ان وقت وزيراعظم پي ٽي آءِ جو باني هو، پي ٽي آءِ باني وزيراعظم طور به اليڪشن ڪميشن تي اثر انداز ٿي رهيو هو

Read Previous

پير شاهدن کي بيان تبديل ڪرڻ لاءِ حراسان پيا ڪن: فاطمه جو والد

Read Next

عدالتي حڪم باوجود پوليس ڏاچيءَ جي ڄنگهه وڍڻ واري معاملي جو بااثر وڏيري خلاف ڪيس داخل نه ڪيو

Most Popular