سپريم ڪورٽ جي ٽن نون ججز حلف کڻي ورتو

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي سميت 3 ججز سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کڻي ورتو

 حلف کڻندڙ ٻين ججز ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس شهزاد احمد خان ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج جسٽس شاهد بلال حسن شامل آهن

 سپريم ڪورٽ ۾ ٿيل حلف برداري تقريب دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٽنهي ججز کي حلف کڻايو

 جسٽس شفيع صديقي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو، جسٽس شفيع صديقي مستقل چيف جسٽس جي مقرري تائين وقتي چيف جسٽس طور ڪم ڪندو رهندو

 جسٽس شجاعت علي خان لاهور هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

 گورنر پنجاب سردار سليم حيدر وقتي چيف جسٽس کي حلف کڻايو، سي ايم پنجاب مريم نواز جي به حلف برداري تقريب ۾ شرڪت

Read Previous

سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 جي بحاليءَ لاءِ ڪافر ڊيم اڏڻ وارو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو

Read Next

عمران خان ۽ بشريٰ بيبي جون اپيلون رد، سزا برقرار

Most Popular