سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 جي بحاليءَ لاءِ ڪافر ڊيم اڏڻ وارو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو

سکر (رپورٽر) سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 جي بحاليءَ لاءِ ڪافر ڊيم اڏڻ وارو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، آبپاشي عملدارن جو چوڻ آهي ته سکر بئراج جي گيٽ نمبر 44 جي مرمت وارو ڪم مڪمل ٿي ويو  آهي

آبپاشي عملدارن دعويٰ ڪندي چيو آهي ته گيٽ نمبر 47 جي بحالي لاءِ ڪافر ڊيم  (مٽيءَ جو بند) اڏڻ وارو ڪم 60 سيڪڙو  مڪمل ٿي ويو آهي

آبپاشي عملدارن موجب ڪافر ڊيم جي اڏاوت وارو ڪم مڪمل ٿيڻ  بعد گيٽ نمبر 47 تي عارضي طور ڪيسن  گيٽ لڳايو ويندو‏، گيٽ نمبر 47 20 جولاءِ تي  تبديل ڪيو ويندو

آبپاشي عملدارن جو چوڻ آهي ته سکر بئراج جي متاثر گيٽن سبب ڪئنال  ۾ 50 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ  آهي

ذريعن موجب ڪئنالن ۾ گهربل پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ سبب فصلن کي نقصان پهچڻ جو خدشو، ڪافر ڊيم جي اڏاوت وارو ڪم  مڪمل ٿيڻ بعد ڪئنالن کي گهربل  پاڻي ملڻ ڏنو ويندو، ڪافر ڊيم جي اڏاوت وارو ڪم سڀاڻي رات تائين مڪمل ٿيڻ جا امڪان آهن

Read Previous

بلاول ڀٽو طرفان وفاقي بجيٽ جي حمايت، نيب ختم ڪرڻ جي تجويز

Read Next

سپريم ڪورٽ جي ٽن نون ججز حلف کڻي ورتو

Most Popular