عمران خان ۽ بشريٰ بيبي جون اپيلون رد، سزا برقرار

پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جون عدت نڪاح ڪيس ۾ سزائن خلاف درخواستون رد، 7-7 سال قيد جي سزا برقرار رکي وئي

 اسلام آباد جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افضل مجوڪا محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

 عدت نڪاح ڪيس ۾ سزا خلاف درخواست رد ٿيڻ سبب پي ٽي آءِ باني جي آزاديءَ جا امڪان ختم ٿي ويا

 پي ٽي آٰءِ باني عدت نڪاح ڪيس ۾ سزا ملڻ سبب اڊيالا جيل ۾ قيد آهي، پي ٽي آءِ باني توشه خانه ۽ سائفر  ڪيس مان بري ٿي چڪو آهي

 190 ملين پائونڊ  ۽ 9 مئي ڪيسز  ۾  به پي ٽي آءِ باني ضمانت تي آهي، پي ٽي آءِ پاران عدالتي فيصلي کي رد ڪندي ان کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

Read Previous

سپريم ڪورٽ جي ٽن نون ججز حلف کڻي ورتو

Read Next

شيخ رشيد فوج سان ڳالهين ذريعي وچون رستو ڪڍڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

Most Popular