بلاول ڀٽو طرفان فرض جي ادائيگي دوران حياتيون قربان ڪندڙ پوليس جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فرض جي ادائيگي دوران حياتيون قربان ڪندڙ پوليس جي شهيدن کي خراج  عقيدت پيش ڪيو آهي.

يوم شهداءِ پوليس تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري پوليس جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قانون جي حڪمراني ۽ شهرين جي حفاظت لاءِ پوليس جي شهيدن جون قربانيون بي مثال آهن، سندن خدمتون تعريف جوڳيون آهن.

هن چيو ته چئني صوبن جي پوليس اهلڪارن دهشتگردي جي خلاف به بهادري سان جنگ وڙهي آهي، پوليس جي شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، شهيدن قربانيون ڏئي عوام جي حفاظت، انصاف ۽ ديانتداري جي بي مثال پاسداري ڪئي.

پ پ چيئرمين چيو ته اسان کي پنهنجي پوليس فورس جي ڪاوشن ۽ جرئت جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي، اسان جي پوليس جا جوان قابل احترام جذبي سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پوليس جي شهيدن جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي، پيپلز پارٽي پوليس کي ان جي بي پناهه قربانين تي سلام پيش ڪري ٿي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي فلاح وبهبود ۽ حمايت جو ارادو رکي ٿي.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اچو ته اسان پنهنجي پوليس جي شهيدن جي ياد کي سلام پيش ڪريون ۽ سڀني لاءِ هڪ محفوظ ۽ منصفانه معاشري جي تعمير جي عزم جو ارادو ڪريون.

Read Previous

ڌرڻو مسئلي جو حل نه آهي، مهانگي بجلي جو حل جنهن وٽ آهي اهو ماهرن کي وٺي اچي: احسن اقبال

Read Next

مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ جي اقليتي فيصلي ۾ اٿاريل نڪتن جو جواب اچڻ ضروري آهي: عطا تارڙ

Most Popular