سنڌ حڪومت مدرسن کي تعليمي ادارن جيان رجسٽرڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ موجود مدرسن کي تعليمي ادارن جيان رجسٽرڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.  وڏي وزير جي ترجمان موجب مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيشنل ايڪشن پلان سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. آءِ جي سنڌ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته سنڌ ۾ 8195 مدرسا ۽ امام بارگاهون آهن، فيصلو ڪيو ويو آهي ته صوبي ۾ مدرسن کي تعليمي ادارن جيان رجسٽرڊ ڪيو ويندو ۽  ان کي تعليم کاتو رجسٽرڊ ڪندو. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته مدرسن جو مفت تعليم ڏيڻ ۾ اهم ڪردار آهي. قانوني صلاحڪار بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي بابت قانونسازي تيار ڪئي پئي وڃي. نئين قانون جي تياري لاءِ هاءِ ڪورٽ سان صلاح مشورا ڪري رهيا آهيون. قانون واري صلاحڪار  جي بريفنگ تي وڏي وزير چيو ته  صرف قانون ٺاهڻ ڪافي نه آهي. مڪمل عمل  ضروري آهي. اسٽريٽ ڪرائمز جا ڪيس ائين ٺاهيا وڃن جو جوابدارن کي سزا به ملي سگهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عدالت مان اسٽريٽ  ڪرائمز جي ڪيسن جي لاءِ ڌار جج لڳائڻ جي درخواست ڪئي ويندي.

Read Next

حيدرآباد ۾ رات کان مينهن هلندڙ، روڊ رستا پاڻي هيـٺ، گھرن ۾ پاڻي ڪاهي پيو

Most Popular