حيدرآباد ۾ رات کان مينهن هلندڙ، روڊ رستا پاڻي هيـٺ، گھرن ۾ پاڻي ڪاهي پيو

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ گذريل رات کان وقفي وقفي سان تيز مينهن جو سلسلو جاري آهي، شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي. حيدرآباد جي علائقي شهباز بلڊنگ وٽ مينهن جو پاڻي جمع ٿيڻ ڪري درياءَ جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي، جنهن سبب شهر طرف ويندڙ ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو پوي، جڏهن ته  قاسم آباد، لطيف آباد، صدر ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات سبب پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو جڏهن ته روڊ رستن تي بيٺل پاڻي درياءَ جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي. مسلسل برسات پوڻ جي ڪري روڊ رستا پاڻي سان ٻڏي ويا جڏهن ته برسات جو پاڻو گهرن ۾ ڪاهي پيو.  برسات شروع ٿيندي ئي بجلي غائب، انتظاميه موجب بجلي نه هئڻ ڪري پاڻي جي نيڪالي ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. ذريعن موجب حيدرآباد ۾ هيئنر تائين 133 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته موسميات کاتي سڀاڻي تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي جنهن ڪري شهر ۾ اربن فلڊنگ جو به خدشو آهي.   موسميات کاتي موجب برسات جو سلسو خميس تائين جاري رهندو، جڏهن ته هوا جي گھٽ دٻاءَ سڄي سنڌ کي مڪمل طور تي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. جنهن جي ڪري ڪراچي، حيدرآباد،ٺٽو بدين ۽ ٻين شهرن ۾ اربن فلنڊنگ جو پڻ خطرو آهي.

Read Previous

سنڌ حڪومت مدرسن کي تعليمي ادارن جيان رجسٽرڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Read Next

ملا عبدالغني برادر جي اڳواڻي ۾ افغان طالبان جو وفد پاڪستان پهچي ويو

Most Popular