نوازشريف جيل مان ويو هو، واپس ايندو ته جيل ئي ويندو:فواد چوڌري

اسلام آباد: سائنس ۽ تيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته نوازشريف جيل مان ويو هو ۽ واپسي تي جيل ئي ويندو. فواد چوڌري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته عدالت شيورٽي کي تبديل ڪيو، شهبازشريف کي گهرائي نوازشريف جي واپسيءَ جي ڳالهه ڪجي. هن چيو ته پهرين ڳالهه اها آهي ته نوازشريف جيل ۾ سزا ڪٽي رهيو هو، واپس ايندو ته جيل ئي ويندو، ٻي ڳالهه اها آهي ته نوازشريف پلي باگين ڪندو ۽ پيسا واپس ڪندو. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته ٽين ڳالهه اها آهي ته نوازشريف عدالت کان نااهل آهي ۽ اليڪشن نٿو وڙهي سگهي. 

Read Previous

ملا عبدالغني برادر جي اڳواڻي ۾ افغان طالبان جو وفد پاڪستان پهچي ويو

Read Next

مهوش حيات واندڪائي دوران فلوفي ۽ اوريو سان وقت گذارڻ لڳي

Most Popular