ملا عبدالغني برادر جي اڳواڻي ۾ افغان طالبان جو وفد پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد: افغان طالبان جو 7 رڪني وفد افغان امن عمل جي معاملي تي ڳالهين جي لاءِ پاڪستان پهچي ويو.  ذريعن موجب افغان طالبان جي سياسي آفيس جو وفد ملا عبدالغني برادر جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پهتو آهي. افغان وفد پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي دعوت تي پاڪستان آيو آهي.  ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته افغان طالبان جو وفد پاڪستاني  اڳواڻن سان افغان مفاهمتي عمل بابت ڳالهيون ڪندو.

Read Previous

حيدرآباد ۾ رات کان مينهن هلندڙ، روڊ رستا پاڻي هيـٺ، گھرن ۾ پاڻي ڪاهي پيو

Read Next

نوازشريف جيل مان ويو هو، واپس ايندو ته جيل ئي ويندو:فواد چوڌري

Most Popular