فلپائن ۾ بم ڌماڪا: خودڪش بمبار عورت سميت يارنهن ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

منيلا:  فلپائن جي صوبي سولو ۾ ٻن بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. مقامي ميڊيا موجب فلپائن جي فوج جو چوڻ آهي ته صوبائي  گادي واري شهر مولو ۾ ٿيندڙ ڌماڪن ۾ هڪ خودڪش بمبار عورت به مارجي وئي آهي. فوج  پاران جاري ڪيل شروعاتي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پهريون ڌماڪو ٻنپهرن جو 12 وڳي هڪ مصروف روڊ تي گروسري جي اسٽور ٻاهران ٿيو جڏهن ته ان جي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ 100 ميٽر جي فاصلي تي ٻيو ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ چرچ کي نشانو بنايو ويو. ٻنهي ڌماڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن جن ۾ اڪثريت پوليس ۽ فوجي اهلڪارن جي آهي. فوج جو چوڻ آهي ته ڌماڪن جي منصوبه بندي منڊي سواد جان ڪئي آهي جيڪو جنوري 2019 ۾ ڪيٿولڪ چرچ تي ڌماڪي ۾ به ملوث آهي. ياد رهي ته گذريل سال چرچ تي ٿيندڙ ڌماڪن ۾ 19 ڄڻا مارجي ويا هئا.

Read Previous

مورو: چور گهر ۾ داخل ٿي روڪ رقم ۽ سونا زيور چوري ڪري فرار

Read Next

پاڪستاني ويب سيريز(چڙيلز) جو خاڪو فرانسيسي آرٽسٽ جي خاڪي مان چورايل نڪتو

Most Popular