مورو: چور گهر ۾ داخل ٿي روڪ رقم ۽ سونا زيور چوري ڪري فرار

مورو(رپورٽ:وحيد مستوئي)مورو شھر جي گچيرو روڊ سولنگي محلا ۾ نامعلوم چور استاد عبدالستار سولنگي ۽ عطاءُ اللہ سولنگي جي گھر ۾ رات جو دير سان داخل ٿي گھر مان سونا زيور، ٻه لک کان مٿي روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا، ان حوالي سان مورو ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي.  ان موقعي تي گھر ڌڻي عطاءُ اللہ سولنگي ٻڌايو ته مان واپاري آھيان، رات دير سان نامعلوم چور گھر ۾ داخل ٿي ٻه لک کان مٿي روڪ رقم ۽ ست تولا سونا زيور کڻي ويا آھن جنھن جي رپورٽ مورو ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي.  ھن چيو ته اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني نه آھي، ھن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظيرآباد، ايس ايس پي نوشھروفيروز، ڊي ايس پي مورو، ايس ايڇ او مورو ۽ ٻين وس وارن کان گھر ڪئي ته ٿيل چوري واپس ڪرائي ملوث چورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي، جڏھن تہ ايس ايڇ او مورو جو چوڻ ھو تہ اسان رپورٽ داخل ڪئي آھي وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آھيون، جلد ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو.

Read Previous

داد لغاري ۾ عورت سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش، رڙين تي جوابدار فرار، انصاف جي گهُر

Read Next

فلپائن ۾ بم ڌماڪا: خودڪش بمبار عورت سميت يارنهن ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

Most Popular