محرم الحرام دوران مذهبي رواداري ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي: ميگها

لاهور: (سومر 24 آگسٽ 2020ع) گلوڪاره ۽ اداڪاره ميگها چيو آهي ته فرقه پرستي ۽ برداشت نه ڪرڻ جوڳي عمل جي حوصله شڪني ڪندي چيو آهي ته محرم الحرام دوران مذهبي رواداري ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.  ميڊيا رپورٽ موجب اداڪاره چيو ته ڪربلا جو واقعو حق ۽ سچ  تي هلڻ جو درس ڏئي ٿو ۽ اڄ مسلمانن ۾ اهوئي جذبو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.  ميگها  خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان کي فرقه پرستي ۽ برداشت نه ڪرڻ واري عمل جي حوصله شڪني ڪرڻي پوندي. هن چيو ته پنهنجي ٻارن کي ديني تعليم ۽ ڪربلا واقعي جي قربانين جي عظيم داستان جي باري ۾ ضرور ٻڌايو ته جيئن ايندڙ نسلون حق ۽ سچ جي رستي تي هلي پنهنجي زندگي ۽ آخرت کي ڪامياب بنائين.

Read Previous

اي پيپر22, august 2020

Read Next

سائوٿمپٽن ٽيسٽ ۾ پاڪستاني ٽيم فالوآن جو شڪار، ٻئي اننگز ۾ بيٽنگ جاري

Most Popular