سائوٿمپٽن ٽيسٽ ۾ پاڪستاني ٽيم فالوآن جو شڪار، ٻئي اننگز ۾ بيٽنگ جاري

لنڊن:(سومر 24 آگسٽ 2020ع) سائوٿمپٽن ٽيسٽ ۾ انگلينڊ جي جبل جيڏي حدف کي حاصل ڪرڻ پويان پاڪستاني ٽيم 273 رنسن تي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ فالوآن جو شڪار ٿي ۽ هاڻ ٻئي اننگز ۾ قومي ٽيم جي بيٽنگ جاري آهي. انگلينڊ جي خلاف ٽيسٽ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ جي چوٿين ڏينهن جي راند جاري آهي. پهرين اننگ ۾ فالوآن جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ پاڪستاني ٽيم جي ٻئي اننگز ۾ بيٽنگ جاري آهي. ان کان اڳ انگلينڊ پهرين اننگز ۾ 583 رنسن جو مشڪل اسڪور ڪيو جنهن جي جواب ۾ قومي ٽيم پهرين اننگز ۾ صرف 273 رنسن تائين ئي محدود رهي. ڪپتان اظهر  علي ۽ وڪيپٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان کان علاوه ڪوبه رانديگر بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو. اظهر علي مشڪل صورتحال ۾ 141 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته محمد رضوان 53 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ آئوٽ ٿيو. پاڪستان جي 6 رانديگرن گڏيل طور تي 14 رنسون ٺاهيون. 11 سالن کان پو موقعو حاصل ڪندڙ فواد عالم به صرف 22 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو جڏهن ته پاڪستاني بيٽنگ لائن جي سڀني کان  مضبوط ڪردار بابر اعظم به صرف 11 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو.  اسد شفيق کي هڪ دفعو ٻيهر ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو ان جي اننگز 5 رنسن تائين محدود رهي. شان مسعود 4، عابد علي 1 ۽ ياسر شاهه 20 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.

Read Previous

محرم الحرام دوران مذهبي رواداري ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي: ميگها

Read Next

سعودي عرب تي ڪيل ڊرون حملو ناڪام

Most Popular