گلوڪار ابرارالحق جي لاءِ يوٽيوب جو اعزاز

نيويارڪ:دنيا جي مشهور وڊيو سام اسٽريمنگ ۽ شيئرنگ ويب سائيٽ يوٽيوب پاڪستان تحريڪ جي اڳواڻ ۽ هلال احمر جي چيئرمين ۽ پاڪستاني گلوڪار ابرارالحق کي ”سلور بٽڻ“ سان نوازيو آهي.يوٽيوب پنهنجي مشهور مواد تيار ڪندڙ ماڻهن کي مختلف قسم جي پلي بٽڻ جي اعذاز سان نوازيندو آهييوٽيوب پلي بٽڻز، يوٽيب ڪرنٽيئر ريوارڊ جو هڪ حصو هوندا آهن جيڪي ان ڳالهه جو به اعتراف هوندا آهن ته مذڪوره بٽڻ حاصل ڪندڙ يوٽيوب چئنل ڪافي مشهور آهي.يوٽيوب طرفان اهڙو اعزاز چئنل جي سبسڪرائبر جي انگ تي دارومدار رکي ٿو پر اهو اختيار يوٽيوب کي حاصل آهي ته هو ڪنهن کي ان ايوارڊ سان نوازي ٿو.

Read Previous

سعودي عرب تي ڪيل ڊرون حملو ناڪام

Read Next

رميز راجه سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

Most Popular