رميز راجه سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان  رميز راجه سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرڊ ٿي صرف محدود اوورن جي ميچ تي ڌيان ڏيڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.رميز راجه چيو آهي ته مون کي مستقبل ۾ سرفراز کي ٽيسٽ ٽيم ۾ موقعو ملندي نظر نه پيو اچي هونئن به ان جي اسڪواڊ ۾ موجود محمد رضوان تي دٻاءُ وڌايو پيو وڃي. مان سمجهان ٿو ته کيس ٽيسٽ ميچن ۾ بينچ تي به نه ويهڻ گهرجي. سرفراز ٽيسٽ ڪرڪيٽ کان رٽائرمينٽ وٺندي اڇي بال جي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏئي جنهن ۾ هو بهتر طريقي سان کيڏي سگهي ٿو.پهرين ٽيسٽ ۾ سرفراز  پاران ساٿي رانديگرن کي پاڻي پيارڻ ۽ جوتا کڻي وڃڻ جي حوالي سان رميز چيو ته ان ۾ ڪابه غلط ڳالهه نه آهي ويسٽ انڊيز سان ٻئي ٽيسٽ ۾ جڏهن جيمز اينڊرسن نه کيڏيو هو ته هو به ساٿي رانديگرن کي پاڻي پياريندي نظر آيو. پر پاڪستانر ڪرڪيٽ ڪلچر ۾ اهڙي شين کي سٺو نٿو سمجهيو وڃي. خاص طور تي جڏهن ڪو اڳوڻو ڪپتان هجي.

Read Previous

گلوڪار ابرارالحق جي لاءِ يوٽيوب جو اعزاز

Read Next

عالمي شهرت ماڻيندڙ پاڪستاني ريسلر انعام بٽ به ڪشميرين جي حمايت لاءِ ميدان ۾ اچي ويو

Most Popular