عالمي شهرت ماڻيندڙ پاڪستاني ريسلر انعام بٽ به ڪشميرين جي حمايت لاءِ ميدان ۾ اچي ويو

لاهور:   ريسلر انعام بٽ به ڪشميرين جي حمايت لاءِ ميدان ۾ اچي ويو. رپورٽ موجب عالمي شهرت ماڻيندڙ پاڪستاني ريسلر انعام بٽ چيو آهي ته ڪشمير  ۾ اسان جي مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن  مٿان ظلم ڪيا پيا وڃن.کين پنهنجي نيادي حق کان محروم ڪري ظلم جو نشانو بنايو پيو وڃي جيڪو ڪنهن جي لاءِ به برداشت جوڳو ناهي. اسان جي رت جو هڪ هڪ ڦڙو پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي لاءِ حاضر آهي اسان انهن جي آزادي جي هن جدوجهد ۾ برابر جا شريڪ آهين ۽ انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين. مظلوم ڪشميرين جي آواز کي دٻائي نٿو سگهجي.انشاءَالله والاريل ڪشمير به جلد پڪستان بڻجندو. انعام بٽ مطالبو ڪيو ته گڏيل قومن کي پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرڻ گهرجي. هاڻ تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي. وڌيڪ دير برداشت جوڳي نه هوندي. انصاف ۾ دير وڏو ظلم آهي ۽ ان ظلم کي هاڻ بند ٿيڻ گهرجي.

Read Previous

رميز راجه سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

Read Next

موٽرسائينڪل تي گھوٽڪي ويندڙتيز رفتارڪار جي ٽڪر لڳل سبب چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت

Most Popular