پاڪستان جي سياست ۾ نوان لاڙا متارف ڪرائڻا پوندا:محمد تحسين

سڪرنڊ (رپورٽر علي اصغر چوهاڻ ) مستقبل ۾ پاڪستان جي سياست ۽ ان جا اثرات جي عنوان هيٺ شاه سچل سامي فائونڊيشن جي ميزباني ۾ منتها سيڪيريٽ ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو تقريب ۾ سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان جي چيف ايگزيڪيٽيو آفيسر جناب محمد تحسين سيمينار ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ نوان لاڙا متارف ڪرائڻا پوندا، اسان جمهوري جي نالي تي مشڪلن جي هيٺ رهون پيا، سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، نوجوانن جا وارث پنهنجن پيارن لاءِ پريشان آهن انهن جي پيارن کي ڪورٽن ۾ پيش ڪرڻ بچاءِ گم ڪيو پيو وڃي، پاڪستان جا سڀئي صوبا پسماندگي جو شڪار آهن پر سڀ کان وڌيڪ بلوچستان ۽ سنڌ جا ماڻهون متاثر آهن صوبن کي حصن جا حق ڏنا وڃن، صوبن جا ماڻهو فاقن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، وسيلا گھٽجن پيا ۽ مسئلا وڌن پيا انهن مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، سيمينار ۾ شاه سچل سامي فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيٽيو آفيسر لالا ارشد،اين ڊي ايف جي عابد لاشاري.راشد علي چانڊيو،سڪندر علي ٻٻر،مير مظهر ٻٻر، قربان عمراڻي، قاضي جاويد سنائي،محمد اسماعيل ڊومڪي، رضامحمد سيال، منظور ٻگهيو،لياقت ٻگھيو، ،ميڊم زيب النساءِ، ميڊم رافيه، ميڊم مصباح اقبال، ڪامران قريشي، غلام سرور چاچڙ،سجاد ڀٽي ، نعمت الله، شڪيل ملڪ، فراز ميمڻ ، قاسم خاصخيلي، ذيشان لاشاري ، نويد هاليپوٽو، خان محمد مري، حسنين مگسي، آفتاب مهر، آصف لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔

Read Previous

موٽرسائينڪل تي گھوٽڪي ويندڙتيز رفتارڪار جي ٽڪر لڳل سبب چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت

Read Next

قاضي احمد ۾ برسات تباهي مچاهي ڇڏي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال

Most Popular