قاضي احمد ۾ برسات تباهي مچاهي ڇڏي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال

قاضي احمد(رپورٽ علي نوازجتوئي)
قاضي احمد ۾ برسات تباهي مچاهي ڇڏي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال برسات جو پاڻي مختلف ڪالونين ۾ گهرن اندر شاهي بازار ريڊيو بازار شھنشاھ چوڪ پريس ڪلب چوڪ ڏيڙان روڊ جي مختلف مارڪيٽن جي دڪانن ۾ داخل ٿي ويو ٽائون ڪاميٽي جي ستن ئي وارڊن جي صورتحال ڳنڀير ٿي وئي۔ خبر موجب موجب قاضي احمد ء آس پاس ۾ مسلسل برسات پوڻ کانپوء نالا شھر جو بازارون ڪالونيون برسات ء گٽرن جو گندو پاڻي اٿلي پوڻ ڪري پاڻي ڪيترن ئي علائقن ۾ داخل ٿي ويو۔ مسلسل برسات سبب ڪيترائي علائقا پير محلا جام حيدر ڪالوني شاهي بازار ريڊيو بازار رورل هيلٿ سينٽر نبي بخش ڪالوني قاضي احمد موڙ جون ڪالونيون پاڻي ھيٽ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گهرن اندر ڪاهي پيو۔ مسلسل برسات کانپوء برسات پير محلا جي ڪيترن ئي گهرن کي ٻوڙي ڇڏيو۔ جتي امدادي ڪاروايون نه هئڻ جي برابر مسلسل برسات کانپوء برسات جو پاڻي ڏيڙان روڊ جمال شاھ روڊ ڏيڙان روڊ کي ٻوڙي ڇڏيو جنهن سبب شھرين کي گهرن کان ٻاھر نڪرڻ ۾ سخت مشڪلات کي منهن ڏيئڻو ٿو پوي
گذريل چوويھ ڪلاڪن کان مسلسل برسات پوڻ کان اڳ واپڊا جي پت وائکي ٿي وئي آهي شهر جي توڙي ٻھراڙي ۾ مسلسل چوويھ ڪلاڪن کان بجلي بند ڪري ڇڏي آهي مسلسل بجلي بند هجڻ سبب عوام سخت پريشان ٿي ويو آهي۔ جڏهن ته برسات کان اڳ ئي بجلي بند ڪري پنهنجي نااهلي جو ثبوت ڏئي ڇڏيو آھي بجلي بند هئڻ ڪري عوام کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو ٻئي پاسي ايس ڊي او واپڊا الهڏنو چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مسلسل برسات پوڻ سبب سٽي سميت ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا آهن۔ ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاء حفاظتي طور تي ڪجھ ڪلاڪن لاء بجلي بند ڪئي وئي۔ ڪيترن ئي علائقن ۾ ٽيڪنيڪل خرابي سبب بجلي بند آهي جنهن کي جلد درست ڪري بجلي بحال ڪئي ويندي۔

Read Previous

پاڪستان جي سياست ۾ نوان لاڙا متارف ڪرائڻا پوندا:محمد تحسين

Read Next

مٽياري ۾ ٻن مختلف حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت

Most Popular