لاڙڪاڻو : جميل احمد سومرو سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ سان سندس پٽ جي وفات تي تعزيت ڪندي

لاڙڪاڻو:  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري طرفان پ پ اڳواڻن توڙي ڪارڪنن سان گڏجي خيرپور پهچي اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاھ سان سندس پٽ جي وفات تي تعزيت ڪئي وئي. ان ڏس ۾ ڪالھ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري اعجاز لغاري، انفارميشن سيڪريٽري عمران حسن جتوئي، پ پ اڳواڻ خان بهادر سردار محمد نواز شيخ، عامر زيب جتوئي، وقار ڀٽو، منير احمد سوهو، آفتاب نيڪ محمد ڀٽو، سرائي سرفراز کوکر، شرجيل رضواني، عبدالرحمنٰ موريو، آصف علي عباسي سميت ٻين اڳواڻن توڙي ڪارڪنن سان گڏجي جيلاني هائوس خيرپور پهچي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ سان سندس پٽ ۽ ايم اين اي نفيسه شاھ سان سندس ڀاءُ سيد مظفر شاھ جيلاني جي وفات تي تعزيت ڪئي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻن طرفان مرحوم سيد مظفر شاھ جيلاني جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ فاتح خواني پڻ ڪئي وئي.  

Read Previous

لبنان: حڪومت مخالف مظاهره، استعيفيٰ جو مطالبو

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ برسات بعد تباهي جو ڏيک، گهر ڊهي پٽ

Most Popular