لاڙڪاڻي ۾ برسات بعد تباهي جو ڏيک، گهر ڊهي پٽ

لاڙڪاڻو:  لاڙڪاڻي ۾ پيل برساتن کان بعد ڪيترن ئي غريبن جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، ڪيترن ئي گهرن جون ڀتيون ڊهڻ لڳيون، پر سنڌ حڪومت متاثرن جي سار نه لڌي، متاثرن مالي سهائتا ڪري برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي ۾ پيل برساتن کان بعد شهر جي يونين ڪاميٽي 7 شاهو ٻوراهو محلا ۾ برساتي پاڻي تلاءُ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي جيڪو هفتو گذرڻ جي باوجود نيڪال ٿي نه سگهيو جنهن ڪري رهواسين علي بخش بروهي، نياز علي بروهي، گل حسن بروهي، امتياز علي بروهي، خداداد بروهي، وزير علي بروهي، هاشم بروهي سميت ڪيترن جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن ڪيترن ئي رهواسين جون ڀتيون ڊهڻ لڳيون آهن، جڏهن ته برساتي پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي رهواسين طرفان ڪيترائي ڀيرا اڳوڻي ميئر ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ لکت ۾ درخواست ڏيڻ توڙي روبرو شڪايتون به ڪيون پر هن وقت تائين شڪايتن جو ڪو به ازالو ٿي نه سگهيو آهي. ان حوالي سان متاثرن علي بخش بروهي، نياز علي بروهي، وزير علي بروهي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي ۾ پيل برساتن کان بعد اسان جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي رهواسين جا گهر ڊهڻ تي آهن پر هن وقت تائين برساتي پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو آهي. هنن چيو ته اسين پاڪستان پيپلز پارٽي جا ووٽر آهيون ۽ هر اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا آهيون پر تازو پيل برساتن کان بعد پي پي پي جو ڪو به چونڊيل نمائندو يا اڳواڻ اسان وٽ لڙهي ناهي آيو ۽ نه ئي ڪنهن مالي سهائتا جي خاطري ڪرائي آهي. رهواسين چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير، لاڙڪاڻي جي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي اپيل ڪئي ته جلد کان جلد اسان جي مالي سهائتا ڪري برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو رستو اختيار ڪيو ويندو. 

Read Previous

لاڙڪاڻو : جميل احمد سومرو سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ سان سندس پٽ جي وفات تي تعزيت ڪندي

Read Next

شهباز شريف ۽ آصف زرداري ۾ ملاقات ۽ ٻين سان ملاقاتون

Most Popular