ٽيون ٽي 20: پاڪستان انگلينڊ کي 5 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي

مانچسٽر:(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ جاري 3 ميچن تي ٻڌل ٽي 20 سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان انگلينڊ کي پنجن رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.مانچسٽر جي ميدان ۾ کيڏجندڙ ميچ ۾ پاڪستان طرفان ڏنل 191 رنسن جي حدف پويان انگلينڊ جي ٽيم ست وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنسون ٺاهي سگهي. پاڪستان پاران ميچ کٽڻ کان پوءِ ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز هڪ هڪ سان برابر ٿي وئي. انگلينڊ طرفان معين علي 61 رنسون ۽ ٽام بينٽن 46 رنسن جي بهترين راند کيڏي. پاڪستان طرفان شاهين شاهه ۽ وهاب رياض 2-2 جڏهن ته عماد وسيم ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.  ميچ جي شروعات تي انگلينڊ ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان طرفان محمد حفيظ 86 رنسون، حيدر علي 54 ۽ ڪپتان بابر اعظم 21 رنسون ٺاهيون. قومي ٽيم ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون. نوجوان رانديگر حيدر علي اڄ ڊيبيو  ڪيو جڏهن ته سرفراز احمد ۽ وهاب رياض جي ٽيم ۾ واپسي ٿي. ٻين رانديگرن ۾ بابر اعظم فخرزمان، محمد حفيظ، شعيب ملڪ، شاداب خان، حارث رئوف، عماد وسيم ۽ شاهين شاهه شامل آهن.

Read Previous

لاسٿ ملنگا آءِ پي ايل ۾ حصو نه وٺندو

Read Next

محمد حفيظ انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ سڀني کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ رانديگر بڻجي ويو

Most Popular