محمد حفيظ انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ سڀني کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ رانديگر بڻجي ويو

لاهور: (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر محمد حفيظ انگلينڊ جي خلاف ٽي 20 ميچن ۾ سڀني کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو.محمد حفيظ ئئين ٽي ٽوئنٽي ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪندي 86 رنسون ٺاهيون هن پنهنجي ڪيريئر جي بهترين اننگز ۾ 6 ڇڪا ۽ چار چوڪا لڳايا. انگلينڊ جي خلاف ٽي 20 سيريز جي آخري ميچ ۾ هن ڪيريئر جون 86 رنسون ٺاهيون. محمد حفيظ کي مين آف دي ميچ ۽ مين آف دي سيريز جو ايوارڊ به ڏنو ويو.پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏيل آخري ٽي 20 سيريز ۾ محمد حفيظ ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ 2000 رنسون ۽ 50 وڪيٽون حاصل ڪندڙ پهريون رانديگر جو اعزاز  به پنهنجي نالي ڪري ورتو. قومي ڪرڪيت ٽيم جي آل رائونڊر محمد حفيظ جي آف اسپن بالنگ به هڪ ڊگهي عرصي کان پاڪستاني ٽيم جي لاءِ بهتر ۽ فائديمند رهي آهي. محمد حفيظ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري چڪو آهي ته جيئن هڪ ڏينهن ۽ ٽي 20 فارميٽ ۾ ڪارڪردگي بهتر بنائي سگهجي.

Read Previous

ٽيون ٽي 20: پاڪستان انگلينڊ کي 5 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي

Read Next

حيدر علي ڊيبيو ميچ ۾ سمورن پاڪستاني رانديگرن کي پوئتي ڇڏي ڏنو

Most Popular