ارطغرل جي حليمه سلطان ڪپڙن تي اعتراض ڪندڙ مخالفن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو

لاهور:  ترڪي جي مشهور اداڪاره اسرا بيلگيچ عرف حليمه سلطان مخالفن ۽ اخلاقيات جو درس ڏيندڙن جي ڪوشش ڪندڙن کي سخت جواب ڏيندي چيو آهي ته اهڙا ماڻهو مون کي سوشل ميڊيا تي فالو ئي نه ڪن.  اسرا بيلگيچ اسلامي تاريخ تي ٻڌل مشهور ترڪ ڊرامي ارطغرل غازي ۾ حليمه سلطان جو ڪردار ادا ڪندي آهي ۽ پنهنجي خوبصورتي سبب هو پاڪستان ۾ انتهائي مشهور به آهي پر ڪجهه سوشل ميڊيا صارفين عام زندگي ۾ ان جي ڪپڙن  سبب کيس تنقيد جو نشانو بنائيندا آهن. تازو ئي هڪ مداح سندس ڪپڙن تي هڪ تبصرو ڪيو ۽ لکيو ته: حليمه باجي مهرباني ڪري اهڙا ڪپڙا نه پائيندا ڪريو، هي سٺا نه آهن. اهڙي تبصري جي جواب ۾ حليمه  سلطان يعني اسرا بيلگييچ مذڪوره فين کي لکيو ته مان اوهان کي هڪ مشورو ڏيڻ چاهيان ٿي ته مهرباني ڪري مون کي فالو نه ڪريو.(مهرباني) ياد رهي ته ان کان اڳ به اسرا بيلگيچ هڪ پوسٽ تي پاڪستانين طرفان تنقيد سبب تبصرا بند ڪري ڇڏيا هئا.

Read Previous

سوات ۾ برساتن دوران مختلف حادثن ۾ پنج ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

Read Next

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 6 مريض فوت ٿي ويا آهن:مراد علي شاهه

Most Popular