سوات ۾ برساتن دوران مختلف حادثن ۾ پنج ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

سوات : خيبرپختونخواهه جي ضلعي سوات ۾ برساتن سبب ٿيندڙ مختلف حادثن ۾ پنج ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. مختلف حادثن ۾ فوت ٿي ويلن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر سوات جو چوڻ آهي ته سوات درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ نقصانن جو اندازو لڳائڻ جي لاءِ سروي ڪيو پيو وڃي. بحرين جي هنڌ تي درال خوڙ ۾ به پاڻي جي وهڪري ۾ گهٽٽائي آئي آهي جڏهن ته ڪالام بحرين روڊ به ٽريفڪ جي لاءِ بحال ڪيو ويو آهي.موسميات کاتي سوات ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ اڄ به کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

Read Previous

آمريڪي عورت جي رحمان ملڪ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم

Read Next

ارطغرل جي حليمه سلطان ڪپڙن تي اعتراض ڪندڙ مخالفن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو

Most Popular