گڊو بئراج وٽان پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ، سنڌو دريا موجن ۾ ننڍي ٻوڏ برقرار

ڪشمور : گڊو بئراج وٽ سنڌو درياء ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ مسلسل واڌ جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي آبپاشي کاتي ٻڌايو ته گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 8 هزار 336 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو هيٺانهون وهڪرو 3 لک 5 هزار 336 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 61 هزار 860 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. سکر بئراج وٽ پاڻي جو هيٺانهون وهڪرو 2 لک 54 هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 53 هزار 268 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته تونسا بئراج وٽ پاڻي جي صورتحال ۾ مسلسل واڌ جو سلسلو جاري آهي. هن وقت تونسا بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 54 هزار 851 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آه

Read Previous

سيپڪو مورو جي زيادتين خلاف آل پارٽيز شهري اتحاد پاران گڏجاڻي بعد عملدارن خلاف احتجاج

Read Next

آمريڪي پوليس جي فائرنگ سبب هڪ ٻيو ڪاري نسل جو شهري مارجي ويو، احتجاج چڪريون

Most Popular