سيپڪو مورو جي زيادتين خلاف آل پارٽيز شهري اتحاد پاران گڏجاڻي بعد عملدارن خلاف احتجاج

مورو؛  مورو ۾ واپڊا سيپڪو مورو پاران بجلي جي غير قانوني لوڊشيڊنگ 16 ڪلاڪ ڪرڻ ء سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نہ ڪرڻ خلاف آل پارٽيز شھري اتحاد ۽ مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن جي گڏجاڻي ٿي گذري جنھن بعد مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو جنھن جي اڳواڻي سائين احمد عرف نالي مٺو زرداري، وڏيرو علي اصغر سولنگي، اسلم ڪوريجو،  محمود اعواڻ، سيد ڪوڙل شاھ، بدر الدين ميمڻ، يونس راھو، زاھد حسين سولنگي، بلاول ڏاھري، علي اصغر ڪورائي، جگديش ڪمار، فضل ڪورائي، عزيز چانڊيو، ايڊووڪيٽ سجاد مستوئي، خادم کوسو، افتخار ياسين، گلشير چنڊ، جان عالما، صادق ميمڻ، فياض ڪورائي، عمران ميمڻ، فھيم لانگاھ، صادق زرداري، منظور حب، اڪرم چانڊيو، خادم کوسو، امجد امين آرائين، ياسين زرداري ء ٻيا ڪري رھيا ھئا جتي ھنن چيو تہ انجنيئر واپڊا سيپڪو مورو بلاجواز 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري ڇڏي آھي جڏھن تہ شھر جي مختلف ھنڌن تي 15 کان وڌيڪ ٽرانسفارمر سڙيل آھن جيڪي ھن وقت تائين تبديل ناھن ڪيا ويا جنھن ڪري مورو شھر سميت ٻھراڙي جي عوام سخت پريشاني مبتلا آھي جڏھن تہ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار پڻ ٺپ ٿي ويو آھي ء اسان جي زندگي مفلوج ٿي وئي آھي، ھنن چيو تہ بجلي نہ ھئڻ ڪري تعلقي اسپتال مورو ء آسپاس جي ننڍين اسپتال رورل ھيلٿ سينٽرن م داخل مريض معصوم ٻار تڙپي رھيا آھن جنھن جون شڪايتون ڪيون آھن پر ان جي باوجود انجنيئر واپڊا سيپڪو مورو پنھنجي ھوڏ تي قائم آھي ھاڻي اھي ناجائزیون ھرگز برداشت نہ ڪيون وينديون ھنن اعلان ڪيو تہ خميس جي ڏينھن مورو شھر م مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪري واپڊا سيپڪو آفيس اڳيان اڻ اعلانيل وقت تائين ڌرڻو ھنيو ويندو

Read Previous

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 6 مريض فوت ٿي ويا آهن:مراد علي شاهه

Read Next

گڊو بئراج وٽان پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ، سنڌو دريا موجن ۾ ننڍي ٻوڏ برقرار

Most Popular