موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف حصن ۾ اڄ به کنوڻ سان گڏ برسات پئجي سگهي ٿي. گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ اربع تي موسم گرم ۽ وچولو رهندو. گذريل ڏينهن به ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري   رهيو جنهن سبب گرمي ۽ حبس جي شدت ختم ٿي وئي. سنڌ، ڪشمير، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان جي مختلف حصن ۾  تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات پئي.گذريل ڏينهن سڀني کان وڌيڪ برسات پنجاب جي علائقي جوهر آباد ۾ 154 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته نور پور تهل ۽ 126 ملي ميٽر، اٽڪ ۾ 114 ملي ميٽر، سرگودها ۾ 03 ملي ميٽر، ڪروڙليه ۾ 85 ملي ميٽر، چڪوال ۾ 87 ملي ميتر، اسلام آباد ۾ 79 ملي ميٽر، بهکر ۾ 56 ملي ميٽر، بهاولپور ۾ 55 ملي ميٽر، ملتان ۾ 53 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. سڄي ملڪ ۾ برساتن سبب ندي نالن ۽ دريائن ۾ چاڙهه اچي ويو آهي جڏهن ته دريائن جي ڪناري تي واقع ڪيترن ئي ڳوٺن کي امڪاني سيلاب کي نظر ۾ رکندي خالي ڪرايو ويو آهي.

Read Previous

ڪورونا وائرس وگهي دنيا ۾ اٺ لک ايڪٺ هزار مريض حياتيون وڃائي ويٺا

Read Next

سنڌ ۾ اغوا جون وارداتون ۽ پوليس جو ناقص ڪردار!

Most Popular