ڪورونا وائرس وگهي دنيا ۾ اٺ لک ايڪٺ هزار مريض حياتيون وڃائي ويٺا

نيويارڪ: عالمي وبا ڪورونا وائرس وگهي دنيا ۾ متاثر ماڻهن جو انگ 2 ڪروڙ 59 لک 32 هزاز کان وڌيڪ ٿي ويو آهي جڏهن ته هڪ ڪروڙ 82 لک 15 هزار صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ 8 لک 61 هزار 346 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. آمريڪا ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن مان پهرين نمبر تي آهي جتي 62 لک 58 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا ۽ هڪ لک 88 هزار 907 فوتگيون ٿيون آهن.  برازيل ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 39 لک 52 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي ۽ فوتين جو گڏيل انگ هڪ لک 22 هزار 681 تائين پهچي ويو آهي.   ڀارت ڪورونا سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ ٽئين نمبر تي آهي جتي 10 لک 48 هزار ماڻهو متاثر ٿيا ۽ فوتين جو گڏيل انگ 17 هزار 299 ٿي ويو آهي. پيرو ۾ به ڇهه لک 57 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ۽ 29 هزار 68 حياتيون وڃائي چڪا آهن. ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪورونا وگهي فوتين جو انگ 14 هزار 263 ٿي ويو آهي جڏهن ته 6 لک 28 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاٿر ٿي چڪا آهن. ميڪسيڪو ۾ 6 لک 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر آهن جڏهن ته 65 هزار 241 فوتگيون ٿيون آهن. سڄي دنيا ۾ هنيئر تائين هڪ ڪروڙ 81 لک 93 هزار 571 صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ هن وقت ايڪٽو ڪيسن جو انگ 68 لک 45 هزار 879 آهي. ڪورونا جا پهريان 50 لک ڪيس 185 ڏينهن رپورٽ ٿيا جڏهن ته آخري 50 لک ڪيس صرف 18 ڏينهن ۾ سامهون آيا. ڪورونا وائرس جو پهريون ڪيس 17 نومبر 2018 تي رپورٽ ٿيو هو ۽ 6 مارچ تي  سڄي دنيا ۾ ڪيسن جو انگ 1 لک کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. سڄي دنيا ۾ 20 مئي تي ڪورونا ڪيسن جو انگ 50 لک ٿي ويو آهي جڏهن ته 27 جون تي اهو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٿي ويو. 22 جولاءِ تي گڏيل ڪيسن جو انگ ڏيڍ ڪروڙ ٿي ويو. سڄي دنيا ۾ 9 آگسٽ تي گڏيل ڪيسن جو انگ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ هو.

Read Previous

آمريڪي پوليس جي فائرنگ سبب هڪ ٻيو ڪاري نسل جو شهري مارجي ويو، احتجاج چڪريون

Read Next

موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

Most Popular