الڳ صوبي جو شوشو، ۽ ڪراچي جا مسئلا: عبدالحئي ساوند

جڏھن کان وٺي عمراني سرڪار آئي آھي تڏهن کان وٺي هنن تبديلي پسندن هائي گهوڙا شروع ڪئي آھي ته ڪراچي تباه ٿي وئي، ڪراچي کي لٽيو ويو، ڪراچي ۾ ڪم نه ٿيا، ڪراچي جي ڀينگ ڪئي وئي، اهڙا ئي انهن جا پارات ٻڌي رهيا آھيون ۽ انهن جي واويلا ۾ سموري اردو ميڊيا انهن سان شريڪ آھي، ڪٿي به ڪو ٿورو واقعو ٿئي ٿو ته هائي گهوڙا شروع ٿي وڃي، هاڻي ڳالهه ڪندا سين ته اصل معاملو ڇا آھي، ڪراچي سنڌ جو اهو شھر ۽ حب آھي، جتي پوري دنيا جو واپار ٿئي ٿو، ڪراچي جو شمار دنيا جي وڏن ۽ نامور شھرن ۾ ٿئي ٿو جتي جي روزانو جي واپار ۽ ڪاروبار جي رولنگ ڪروڙن ۾ نه بلڪه اربن ۾ آھي، قدرت طرفان ڪراچي کي سمنڊ جهڙي بندر گاه سان نوازڻ به ڪراچي لاء وڏي لاڀائتي ڳالهه آھي، ڇو ته هن دور ۾ دنيا جو وڻج واپار سمنڊ رستي سامونڊي جهازن ذريعي ٿئي ٿو اها اسانجو خوشنصيبي آھي جو سمنڊ جي ڳچ حصو اسانجي ملڪ ۾ ٿو اچي پيو ۽ سمنڊ ۾ اونهي جڳه وارا بندر گاه به اسان وٽ آھن جن ۾ وڏي پاڻي ۾ ڪيترائي جهاز ڪناري لڳي لنگر انداز ٿين ٿا ۽ ان ئي مال بردار جهازن ذريعي ڪراچي مان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڻج واپار ۽ شين امپورٽ توڙ ايڪسپورٽ ڪئي پئي وڃي، جنهن جي ٽيڪس جو ڳچ حصو حڪومت پڻ حاصل ڪري رهي آھي

ان کان علاه ڪراچي پوري ملڪ جي مزدورن کي پالڻ جي سگهه به رکي ٿو ۽ سنڌ سميت سموري ملڪ جا ڪيترا ئي ماڻهون، توڙي پورهيت پنهنجو پيٽ گذر هن ئي شھر مان ڪن ٿا ۽ انهن جو آمدني توڙي معاشي ذريعو ئي ڪراچي آھي، ڇو ته ڪراچي جي اندر ايترا ته ادار ڪمپنيون توڙي نڍيون وڏيون فيڪٽريون آھن جو اتي لکن جي تعداد ۾ پورهيت اچي روزگار حاصل ڪن ٿا ۽ انهن فيڪٽرين توڙي ڪارخانن مان تيار ٿيندڙ ڪپڙو، اسپيئرپارٽس، پينٽ شرٽ، اليڪٽرونڪ جون شيون توڙي کاڌ خوراڪ ۾ استعمال ٿيندڙ شين جو اربن روپين جو ڪاروبار ٿئي ٿو ۽ ان مان اسانجو ڪيترو ئي مال جيڪو ڪراچي ۾ تيار ٿئي ٿو اهو ٻاهرين ملڪن تائين به وڃي ٿو جنهن جو به وڏو معاوضو ملندو آھي، ان کان علان ڪراچي ۾ ملڪ جي مختلف علائقن کان ايندڙ ٽرانسپورٽ جي ٽيڪس به روزانو ڪروڙن جي حساب سان وصول پئي ٿي، ان علاوه سمنڊ مان پڪڙيل مڇيون، ڪراچي پورٽ قاسم جي ٽيڪس ۽ ٻين ننڍن وڏن ڪاروبارن سبب روزانون اندازن اربين روپين جي رولنگ ٿي رهي آھي جنهن مان ٽيڪس جو ڳچ حصو سرڪار نامدار کڻي رهي آھي، مگر عوام کي ان ٽيڪس مان هڪ ٽڪي جي ڀلائي جو به آسرو نه آھي،

هڪ طرف پيپلزپارٽي سرڪار آھي جيڪا ڪراچي جي دعوى جي مالڪي ته ڪري ٿي مگر انهن کي ڪراچي جي مالڪي ڪرڻ جو ڪو به خيال نه آھي، انهن جا صرف ۽ صرف پنهنجا مفاد آھن جيڪي هو حاصل ڪري رهيا آھن اهي مفاد آهن صرف ۽ صرف ڪرپشن، ڇو ته 2008 کان وٺي سنڌ سرڪار پيپلزپارٽي جي جهولي ۾ پيل آھي انهن انهن 12 سالن ۾ جي اگر پيپلزپارٽي جي سرڪار کي ڪراچي جي ڳڻتي هجي ها ته اهي ڪراچي مان جيتري ٽيڪس وٺن ٿا اوترو ڪم ڪن ها ته اڄ عمراني سرڪار ۽ انهن جي ساٿارين کي اها هائي گهوڙا ڪرڻ جي جرئت نه ٿئي ها، ٻئي پاسي آھن تحريڪ انصاف ۾ ويل ڪراچي جا مختلف پارٽين جا سنڌ دشمن لوٽا، ايم ڪيو ايم لنڊن، ايم ڪيو ايم پاڪستان، ايم ڪيو ايم بهادرآباد، پي ايس پي، ۽ ٻيون ننڍيون توڙي وڏيون لساني ۽ فسادي جمائتون جن جي هميشه ڪوشش رهي آھي ته ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪجي، ڪراچي کي الڳ صوبو ٺاهجي، اهي لساني ۽ فسادي ڌريون وڏي وقت کان وٺي واويلا ۾ رڌل آھن، انهن سڀني ٻڙڌڪن ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ ايم ڪيو ايم جو آهي جيڪي هاڻي سڀ کان وڌيڪ ڌاڙ گهوڙا ڪري رهيا آھن ڪراچي ڊوب گيا، ڪراچي تباه هوگيا، هاڻ هنن کان ڪير پڇي ته گذريل ٻن ڏهاڪن کان وٺي هر حڪومت ۾ هي ڀاڳي ڀائيوار رهيا آھن، مشرف جي دور ۾ ته هي فل فليج هئا تقريبن سڻڀا ۽ ڪم وارا کاتا انهن ڀائو وارن جي جهولي ۾ پيل هئا، ان کان بعد پيپلزپارٽي جي پهرين توڙي ٻئي حڪومتي دور ۾ هي ڀاڳي ڀائيوار رهيا، مونکي به ايتريقدر پڪي ڄاڻ آھي ته پ پ دورن ۾ به پورٽ اينڊ شپنگ، صحت توڙي مڪاني ادارن جهڙا کاتا به ايم ڪيو ايم جي جهولي ۾ پيل هئا ته هنن ان وقت ڪراچي کي ترقي ڇون ڏياري، هاڻ واڳون واران ڳوڙها هاريندڙن پنهنجي حڪومتي دور توڙي عروج جي وقت ۾ انهن ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ته نه ڪرايا الٽو ڪراچي چپي چپي تي هنن قبضو ڪيو، هاڻي برسات ۾ جڏھن ڪراچي ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال نظر پئي اچي ته ان جا زميوار اهي پاڻ آھن پنهنجي حڪومتي دور ۾ هنن ڪراچي جي اها ڪنڊ نه ڇڏي جتي ڀائو وارن ذريعي هنن قبضو نه ڪيو، ايتري قدر جو ڪراچي جي ندين ۽ وڏن نالن کي پوري انهن مٿان پنهنجن ڀائو وارن ذريعي قبضو ڪرائي ناجائز تعميرون ڪري پلازه توڙي وڏا وڏا شاد حال ٺاهيا ويا، انهن ئي روئندڙن ڀائو وارن ڪراچي جي برساتي نالن کي به نه بخش ڪيو اتي به قبضو ڪري ويهي رهيا  ۽ بعد ۾ ڀڳڙن مٺ انهن کي وڪرو پڻ ڪيو ويو، هاڻ جڏهن ڪراچي جون نديون، وڏا نالا، ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال وارا لنگهه هنن کپائي ڇڏيا آھن ته پوء برسات ۾ ٻوڏ نه ايندي ته ڇا ٿيندو ۽ انهن واڳون وارا ڳوڙھا ڳاڙهيندڙن کي روئڻ ۽ ڌاڙ گھوڙا ڪرڻ بجائي قبضو ڪيل نالن جي خالي ڪري ندين ۽ برساتي نالن جا پراڻا لنگهه بحال ڪيا وڃن ته پاڻي جو هڪڙو ذرو به نه بيهندو، مگر اصل ڳالهه آھي

ڪراچي کي وڪڻڻ جي ته پوء اهي پٽون پاراتا ۽ ڌاڙ گهوڙا جاري رهندي، ڇو ته مان پهريان به چئي چڪو آھيان ته ڪراچي جو شمار دنيا جي وڏن ملڪن ۾ ٿئي ٿو اتان جي اربن روپين جي رولنگ  طاقتور ڌرين جي اک ۾ آھي اهي ڪيئن چاهينديون ته انهن روزانو جي اربين روپين جي واپار جي ٽيڪس سنڌ جي مسڪينن ۽ اٻوجهه ماڻھن مٿان ڇو خرچ ٿئي ان لاء انهن جي وڏي ۾ وڏي ڪوشش اها رهي آھي ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪجي ۽ ان لاء اهي ڌريون ايم ڪيو ايم توڙي تحريڪ انصاف کي استعمال ڪري رهيون آھن ته ڪراچي صوبو الڳ ڪرايو مگر اهي ڌريون ڪراچي صوبو به نٿيون چاهين انهن جو مقصد صرف ۽ صرف اهو آھي ته ڪراچي جي ڪمائي مان آمدني ڪيئن کڻجي، ان لاء هو مختلف شوشا ڇڏي ۽ هربا هلائي رهيون آھن، مگر انهن کي اها به ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪراچي سنڌ جو حصو آھي ڪراچي  هڪ به غيرتمند سنڌي جيسيتائين زنده آھي ڪراچي جي ورهاست يا صوبو ته ڇا هڪ يوسي به الڳ نٿا ڪري سگهن، ڀلي ڪيترائي مڇ مڙن سُھڻي جو ڀرجهلو ٿيڻ لاء سوين سرفروش سنڌي اٿي بيهندا، ۽ منهنجي دل ٿي چوي تهجنهن وقت هي جوڳي جا ڳيا،پوء سور نه رهندا ساڳيا،ڪندا سڀ مست قلندر،دما دم مست قلندر،

Read Previous

سنڌ ۾ اغوا جون وارداتون ۽ پوليس جو ناقص ڪردار!

Read Next

ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور نويدالرحمان لاڙڪ رات جو تعلقه هيڊ ڪوارٽر ڳڙهي ياسين جي اسپتال جو دورو.

Most Popular