ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور نويدالرحمان لاڙڪ رات جو تعلقه هيڊ ڪوارٽر ڳڙهي ياسين جي اسپتال جو دورو.

شڪارپور : ڪمشنر شڪارپور نويدالرحمان لاڙڪ رات دير سان تعلقه هيڊ ڪوارٽر ڳڙهي ياسين جي اسپتال جو اچانڪ دورو ڪيو. اين جي او انٽي گريٽيڊ هيلٿ سروسز آءِ ايڇ ايس انتظامن هيٺ هلندڙ آر ايڇ سي ڳڙهي ياسين ۾ فقط چوڪيدار، پٽيوالو ۽ سوئيپر موجود هو. جن ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي ٻڌايو ته ڳڙهي ياسين اسپتال صرف 8 بجه رات تائين هلندي آهي. اهڙو نوٽيس بورڊ عوام جي اطلاع لاءِ ديوار تي لڳايو ويو آهي. هنن ٻڌايو ته ڏينهن جو 3 ميڊيڪل آفيسر ڊيوٽي ڪندا آهن، جڏهن ته رات جو ويم گهر ۾ هڪ نرس ۽ دائي ڊيوٽيون سرانجام ڏينديون آهن، جيڪي پڻ موڪل تي آهن. جڏهن ته 4 ڏينهن پهريان انهن جي رات جي ڊيوٽي لڳائي وئي هئي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي دوري دوران 6 بيڊن تي مشتمل مردانه وارڊ ۾ چوڪيدار ۽ غير متعلقه ماڻهن جون موٽر سائيڪلون پارڪنگ ٿيل هيون. جڏهن ته ڪولڊ چين مينٽيننس فرج ۾ موجود ملازمن جو کير پيل هو. ايمرجنسي، مردانه وارڊ ۽ آئسوليشن وارڊ ۾ ايئرڪنڊيشنر جي انسٽاليشن نه ٿيل هئي، جڏهن ته ملازمن مريضن جي بيڊن جا ميٽرس کڻي هڪ وارڊ پنهنجي آرام لاءِ سجايو هيو. جنهن ۾ ايئر ڪنڊيشن هلي رهي هئي. اسپتال ۾ ايمرجنسي وارڊ، ليبارٽري، آپريشن ٿيٽر، ويم گهر ۽ الٽراسائونڊ ليبارٽري کي تالا لڳل هئا ۽ ڪوبه طبي عملو موجود نه هيو. آءِ ايڇ سربراهه پاران ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي اسپتال بابت ڏنل لسٽ ۾ 5 ميڊيڪل آفيسر هجڻ جي رپورٽ ڏني وئي هئي. جڏهن ته ملازمن پاران ٻڌايو ويو ته ڏينهن جو فقط 3 ميڊيڪل آفيسر هوندا آهن، جڏهن ته او پي ڊي رجسٽر ۾ پڻ مريضن جي اچڻ جو تعداد نه هجڻ برابر هو. ڪجهه مقامي صحافين ٻڌايو ته اسپتال رات جو 8 بجه بدران ڏينهن جو 2 بجه منجهند جو بند ٿي ويندي آهي ۽ ڪوبه طبي عملو موجود نه هوندو آهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور نويدالرحمان لاڙڪ چيو ته آءِ ايڇ ايس سربراهه ڊاڪٽر ذوالفقار پاران اسپتال بابت ڏنل لسٽ ۾ 5 ميڊيڪل آفيسر ۽ نوٽيس بورڊ تي رات جو نرس ۽ دائيءَ جي ڊيوٽي لکيل آهي پر هتي اهو ٻڌايو ويو آهي ته ڏينهن جو فقط 3 ميڊيڪل آفيسر آهن ۽ رات جي ڊيوٽيءَ تي مقرر اسٽاف نرس ۽ دائي غائب آهن ۽ اسپتال تقريبن بند آهي ۽ اسپتال جي حالت مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڏينهن جو به مريض نه اچڻ برابر هوندا. هن چيو ته تقريبن اسپتال بند آهي ۽ اهڙي صورتحال کي ڏسي آءِ ايڇ ايس شڪارپور جي سربراهه ڊاڪٽر ذوالفقار کي طلب ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن مطمئن ڪندڙ جواب نه مليو ته آءِ ايڇ ايس شڪارپور سربراهه سميت سڀني ملازمن خلاف مٿي رپورٽ موڪليندس. جڏهن ته وارڊ ۾ بيٺل موٽر سائيڪلن کي ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي کڻائي چالان ڪري ڇڏيو.

Read Previous

الڳ صوبي جو شوشو، ۽ ڪراچي جا مسئلا: عبدالحئي ساوند

Read Next

مبارڪپور : ڳوٺ رانجهاپور واسي محمد صديق ٻرڙو پنهنجي ڀائرن خلاف احتجاجي مظاهرو

Most Popular