ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو ٽوئيٽر اڪائونٽ هيڪ

نئين دهلي: ڀارتي ميڊيا موجب وزيراعظم نريندر مودي جي ذاتي ويب سائيٽ جو ٽوئيٽر اڪائونٽ ۽ موبائل ايپ اڄ صبح جو هيڪ ڪيو ويو جنهن جي ٽوئيٽر طرفان پڻ تصديق ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪرپٽو ڪرنسي جي ذريعي وزيراعظم رليف فنڊ ۾ چندو ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي. ڀارتي وزيراعظم جو اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ تي ٽوئيٽر جو چوڻ آهي ته ان معاملي تي جاچ شروع ڪئي پئي وڃي ۽ اڪائونٽ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب نريندر مودي جي ذاتي ويب سائيٽ ٽوئيٽر اڪائونٽ ”نريندر مودي ڊاٽ ان“ جا 2.5 فالوورز آهن ۽ اهو اڪائونٽ 2011 ۾ ٺاهيو ويو هو. 

Read Previous

شوٽنگ دوران سمورو ڌيان ڪم تي هوندو آهي: ماهره خان

Read Next

ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پاڪستان جي چوٿين پوزيشن برقرار، بابر ٽاپ بيٽسمين

Most Popular