شوٽنگ دوران سمورو ڌيان ڪم تي هوندو آهي: ماهره خان

اسلام آباد:  پاڪستاني اداڪاره ماهره خان چيو آهي ته مان عام زندگي ۾ تمام گهڻي سست ۽ ڪاهل آهيان پر ڪم جي دوران مان پنهنجو ڪم تمام گهڻي ڌيان سان ڪندي آهيان.  ميڊيا رپورٽ موجب ماهره خان سوشل ميڊيا تي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته مان ناشتي ۾ انڊو پراٺو جڏهن ته رات جو ماني ۾ دال چانور تمام گهڻي شوق سان کائيندي آهيان. منهنجو مئنيجر مون کي سست چوندو آهي ۽ دوست به مون کي سست چوندا آهن پر جڏهن مان ڪم تي هوندي آهيان ته پنهنجو سمورو ڌيان ڪم تي ڏيندي آهيان ۽ ڪوشش ڪندي آهيان ته مان پنهنجو ڪم بهتر طريقي سان ڪريان.  واضح رهي ته هڪ سروي موجب ذهين ماڻهو سست هوندا آهن ۽ اها سروي ماڻهن لاءِ ڪافي حيران ڪندڙ آهي ڇو ته عام طور تي تيز ۽ متحرڪ ماڻهن کي ذهين سمجهيو ويندو آهي.  هڪ ٻئي خيال ۾ به ظاهر ڪيو ويندو آهي ته تخليقي صلاحيت جا مالڪ ماڻهو روزاني وارن ڪمن ۾ سست ۽ ڪاهل هوندا آهن ڇو جو انهن جو گهڻو وقت سوچڻ ۾ گذري ويندو آهي ان ڪري اهي ٻيو ڪم صحيح طريقي سان نه ڪري سگهندا آهن.

Read Previous

مبارڪپور : ڳوٺ رانجهاپور واسي محمد صديق ٻرڙو پنهنجي ڀائرن خلاف احتجاجي مظاهرو

Read Next

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو ٽوئيٽر اڪائونٽ هيڪ

Most Popular